لاهور(بيورو رپورٽ) پنجاب اسيمبلي 16 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن پاران سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي لڳائڻ لاءِ قرارداد منظور ڪري ورتي آهي. حڪومتي ميمبر اسيمبلي سارہ احمد پاران پيش ڪيل قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ٻارن جي جسماني، ذهني ۽ اخلاقي ترقي جي حفاظت ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. ٺهراءُ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي نامناسب مواد ٻارن کي ذهني دٻاءُ ۽ ٻين خطرن ۾ مبتلا ڪري رهيو آهي. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته آسٽريليا، فرانس، چين ۽ آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ نابالغن پاران سوشل ميڊيا جي استعمال تي قانون ۽ پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن، ۽ پاڪستان ۾ به نابالغن جي محفوظ مستقبل لاءِ اثرائتي قانون سازي ضروري آهي. ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي عمر جي تصديق جو نظام لاڳو ڪري.