تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پاسداران انقلاب جي هڪ عهديدار دعويٰ ڪئي آهي ته جنگ دوران پاسداران انقلاب جي هوائي دفاعي هنڌن جي پيداواري صلاحيت جو 85 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو مڪمل طور محفوظ رهيو.
عهديدار چيو ته ايران جي فوجي پيداواري ڍانچي تي حملن باوجود ميزائلن ۽ هوائي دفاعي نظام جي پيداوار ۽ فراهمي جي رفتار جنگ کان اڳ واري سطح جي ڀيٽ ۾ گهٽ نه ٿي آهي.
ايراني ميڊيا موجب عهديدار چيو ته هن وقت ايران وٽ آپريشنل فضائي دفاعي نظام جو موجود ذخيرو جنگ شروع ٿيڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر ۽ مستحڪم حالت ۾ آهي.