اياز لطيف پليجي اين سي سي آءِ کي دليلن تي ٻڌل قانوني ۽ آئيني جواب اماڻي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)قومي عوامي تحريڪ جي صدر ۽ سپريم ڪورٽ جي وڪيل اياز لطيف پليجي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) طرفان موڪليل سوالنامي جو قانوني ۽ آئيني جواب موڪلي ڇڏيو آهي.

اياز لطيف پليجي پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته هو 10 آگسٽ تي اين سي سي آءِ اي گلستانِ جوهر ڪراچي ۾ جاچ اداري آڏو پيش ٿي چڪو آهي ۽ آئين ۽ قانون موجب هر جائز سهڪار لاءِ تيار آهي.

هن چيو ته اين سي سي آءِ اي جي سوالنامي ۾ مبينا تقرير يا ڏوهه بابت بنيادي تفصيل فراهم ناهن ڪيا ويا، جن ۾ تقرير جي تاريخ ۽ وقت، هنڌ، تقريب يا پسمنظر، مڪمل تقرير يا ٽرانسڪرپٽ، مبينا طور ڏوهه بڻجندڙ مخصوص لفظ، وڊيو يا آڊيو رڪارڊنگ، سوشل ميڊيا اڪائونٽ، لنڪ ۽ مواد اپلوڊ ٿيڻ جي تاريخ شامل آهن.

اياز لطيف پليجي چيو ته هو ڊگهي عرصي کان سياسي تقريرون ۽ خطاب ڪندو رهيو آهي، تنهنڪري ڪنهن مخصوص تقرير جي نشاندهي کانسواءِ ڪنهن اڻڄاتل بيان بابت اندازو لڳائڻ ممڪن ناهي. هن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو ته سياسي ۽ سماجي انصاف، اظهار ۽ سوچ جي آزادي شهرين جا بنيادي حق آهن، جڏهن ته سياسي تنقيد يا حڪومتي پاليسين سان اختلاف کي رڳو ”اينٽي اسٽيٽ“ قرار ڏئي فوجداري ڏوهه نٿو بڻائي سگهجي.

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه چيو ته سندس سمورين تقريرن جو مقصد سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام، شاگردن، هارين، عورتن ۽ پورهيتن کي پنهنجن آئيني ۽ بنيادي حقن بابت آگاهي ڏيڻ، اتحاد، تعليم ۽ بهتر مستقبل لاءِ جدوجهد جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. هن واضح ڪيو ته هو ڪنهن به گروهه خلاف خوف، بدامني يا نفرت پيدا ڪرڻ جو ارادو نٿو رکي.

اهڙي ريت اياز لطيف پليجي اين سي سي آءِ کي اڻويهه ئي سوالن جا دليلن تي ٻڌل جواب لکت ۾ اماڻي ڇڏيا آهن.

You might also like