تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف چيو آهي ته ايران هن جنگ جي فوجي ۽ سياسي ٻنهي محاذن تي فاتح بڻجي اڀريو آهي.
باقر قاليباف چيو ته ايران هن وقت آمريڪا ۽ صهيونين طرفان مڙهيل غيرمنصفاڻي جنگ کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته ايراني قوم بهادري ۽ ثابت قدمي سان ان جنگ جو مقابلو ڪري رهي آهي.