احتساب ۽ عوامي ڀلائي جو نالو نه نشان،پاڪستان ۾ چائنا ماڊل نٿو اچي سگهي

اسلام آباد(امتياز گل) ايشين انفرسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ (AIIB) ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪندڙ حامد شريف جو چوڻ آهي ته مون کي کل ايندي آهي جڏهن ماڻهو پاڪستان ۾ "چائنيز ماڊل” جي ڳالهه ڪندا آهن. سڀ کان پهرين تو چين پنهنجو ماڊل ايڪسپورٽ نٿو ڪرڻ چاهي، ان تي چيني ڏاڍا واضح آهن. ها، هو چون ٿا ته  اوهان اسان مان ڪجھه سکي سگهو ٿا، اسان اوهان جي مدد ڪري سگهون ٿا هن چيو ته پر جڏهن اسان چائنيز ماڊل جي ڳالهه ڪريون، تو ان مان ڪجھه عنصر وٺي سگهون ٿا جيڪي لڳ ڀڳ يونيورسل آهن. جڏهن به اوهان گڊ گورننس جي ڳالهه ڪندا، اهي عنصر چين ۾ ملن ٿا.هن چيو ته چين ۾ ميرٽ بيسڊ سول سروس جي تاريخ8هين يا 9هين صديءَ کان شروع ٿئي ٿي.ان کان علاوه اتي احتساب جو بهترين نظام آهي، اهو نٿو ٿي سگهي ته اوهان سرڪار کان، پبلڪ مان پئسا وٺو ۽ ان جو جوابده نه هجو. پاڪستان ۾ اڃا تائين اهو هلي رهيو آهي،اسان جي عدليه ڪو آڊٽ ٿيل اڪائونٽس شايع نٿي ڪري، عوامي پئسي جو ڪو حساب نٿو ڏنو وڃي ته ڪهڙن رولز تحت خرچ ٿي رهيا آهن.هن چيو ته مغرب اسان جي ذهن ۾ تصور وڌو آهي ته چين ۾   آمراڻو  راڄ آهي ۽ ماڻهن جي ڪو نٿو ٻڌي. اهي ڳالهيون غلط آهن. مان جڏهن چين ۾ هئس تو آلودگي  جا وڏا ايشوز هئا. جڏهن انهن ڪلين اپ شروع ڪيو، تو ماڻهن کي معاوضو ڏنو ويو، هن چيو ته  چين جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته چين دراصل "واٽر مئنيجمينٽ” جو ملڪ آهي. ان جا ٻه وڏا درياهه آهن ۽ انهن جي آسپاس ئي زرعي معيشت گھمندي هئي. اهو چيو ويندو هو ته جيڪو شهنشاهه پاڻيءَ جي بهتر مئنيجمينٽ ڪندو، هو ڪامياب ٿيندو.چين گذريل 3-4 ڏهاڪن ۾ انهن 600-700 ملين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، شي جن پنگ جي اچڻ سان سخت غربت  کي به ختم ڪيو ويو. ۽ انهن سيڙپڪاري  اتي ڪئي جتي ان جو معاشي جواز ٺهيو پئي، هن چيو ته ڪميونسٽ پارٽي تو ان کي يقيني بڻايو آهي، جتي ڪرپشن جو الزام لڳي ٿو تو ٻن ڏينهن ۾ وزير فارغ! گذريل ٻن سالن ۾ انهن جا ٽي دفاعي وزير فارغ ٿي چڪا آهن. اسان وٽ تو سئو ملين ڊالر غائب ٿي وڃن تو به ڪو حساب ناهي ٿيندو.هن چيو ته پاڪستان ۾ اسان کي اڄ تائين اهو ئي ناهي خبر ته اسان جون سياسي پارٽيون ڪهڙي اقتصادي نظام  لاءِ بيٺيون آهن؟ ڇا هو مارڪيٽ اڪانومي چاهين ٿيون يا رياستي ڪنٽرول؟ جستائين سياسي پارٽين جي نظام ۾ بهتري نه ايندي،  ڪو به ماڊل ڪامياب نٿو ٿي سگهي.هن چيو ته اسان قرض  ته وٺون ٿا پر سياسي ترجيحن جي ڪري اهڙين جڳهن تي منصوبا لڳايون ٿا جن جو ڪو ايڪانامڪ لاجڪ ناهي هوندو.چين ۾ سياسي تسلسل آهي، حڪومت مٽجي به وڃي تو پاليسيءَ جي سمت ساڳي رهي ٿي. انڊيا به هن مان ڏاڍو فائدو ورتو. منموهن سنگهه جڏهن فنانس منسٽر هو، تو هن پلاننگ ڪميشن ۾ اهڙا ٽيڪنيڪل ماڻهو آندا جن پاليسيءَ جي تسلسل کي يقيني بڻايو، اهي صرف روايتي بيوروڪريٽ (بابو) نه هئا.پاڪستان ۾ پاليسين جي ان تسلسل ۽ ٽيڪنيڪل حڪمتِ عمليءَ جي ڏاڍي کوٽ آهي.

You might also like