راولپنڊي (م ڊ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير طرفان جشن آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج جي اڳوڻن فوجين جي مانَ ۾ آجياڻو ڏنو ويو، پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير طرفان ڏنل آجياڻي ۾ اڳوڻن آرمي چيفس سميت وڏي انگ ۾ رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ جوانن شرڪت ڪئي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ اڳوڻو آرمي چيف راحيل شريف، اشفاق پرويز ڪياني ۽ ٻيا شامل هئا، جڏهن ته ذريعن موجب اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پنهنجي پوٽن جي سالگرهه تقريب ۾ وڃڻ سبب آجياڻي واري تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملڪ جي دفاع لاءِ اڳوڻن فوجين جي خدمتن ۽ ڪردار کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن قومي مضبوطي ۽ استقامت کي هٿي ڏيڻ ۾ اڳوڻن فوجين جي ڪردار کي پڻ ساراهيو، پيچيده سيڪيورٽي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳوڻن فوجين جو تجربو ۽ رهنمائي هڪ قيمتي اداراتي اثاثو آهي، اڳوڻن فوجين پڻ پاڪ فوج جي قيادت تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ اڀرندڙ سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ فوج لاءِ پنهنجي مسلسل سهڪار جي خاطري ڪرائي، اڳوڻن فوجين قومي اتحاد، امن ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.