اسلام آباد (بيورو) صدر آصف علي زرداري پاران 355 پاڪستاني ۽ پرڏيهي شخصيتن کي سول ايوارڊ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي 23 مارچ تي ايوارڊ ڏنا ويندا، صدر پاڪستان آصف علي زرداري آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ پاڪستاني ۽ پرڏيهي شخصيتن کي سول ايوارڊ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سول ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب ايندڙ سال 23 مارچ تي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ٿيندي، جنهن ۾ 355 شخصيتن کي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي تي ايوارڊ ڏنا ويندا، گلوڪاره ترنم ناز ۽ اداڪاره نشو بيگم کي ستاره امتياز ڏنو ويندو، جڏهن ته اداڪاره غزالا ڪيفي، اداڪاره ثانيه سعيد، ماريا واسطي ۽ گلوڪار زوهيب حسن کي تمغه حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويندو. گلوڪار شيراز اپل کي تمغه امتياز ڏنو ويندو، شوٽر ڪشمالا طلعت کي تمغه حسن ڪارڪردگي ڏنو ويندو، جڏهن ته اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر صادق محمد کي پڻ تمغه حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي نشان امتياز ڏنو ويندو. وفاقي وزير گهرو معاملن محسن نقوي کي پڻ نشان امتياز سان نوازيو ويندو، وفاقي وزير احد چيما ۽ محمد اورنگزيب کي پڻ نشان امتياز ڏنو ويندو، جڏهن ته وزير مملڪت بلال اظهر ڪياڻي کي نشان امتياز ڏنو ويندو، ڊي جي آءِ بي فواد اسدالله، اٽارني جنرل منصور عثمان اعوان، ايف بي آر جي چيئرمين راشد محمود لنگڙيال، ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال ۽ واپار واري سيڪريٽري جواد پال کي ستاره امتياز سان نوازيو ويندو، پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين علامه حافظ طاهر محمود اشرفي کي تمغه امتياز ڏنو ويندو، جڏهن ته عوامي خدمتن جي شعبي ۾ وفاقي وزير انجنيئر امير مقام کي هلال امتياز سان نوازيو ويندو، آزاد ڪشمير ۾ شرپسندن جو بهادري سان مقابلو ڪرڻ تي زوبيا خورشيد راجا کي تمغه شجاعت ڏنو ويندو، زوبيا راجا زخمي پوليس اهلڪار کي پنهنجي جان خطري ۾ وجهي شرپسندن جي گهيري مان بچايو هو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي 46 شهيدن کي ستاره شجاعت سان نوازيو ويندو، جڏهن ته گروپ ڪيپٽن عاصم طارق شهيد کي پڻ ستاره شجاعت ڏنو ويندو، سينيئر صحافين صالح ظافر ۽ حاجي نواز رضا کي ستاره امتياز ڏنو ويندو، جڏهن ته صحافين عمار مسعود، ماريا ذوالفقار، عادل شاهزيب ۽ حماد حسن کي تمغه امتياز سان نوازيو ويندو، ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر عبيدالله کي ستاره امتياز، جڏهن ته ڊي جي سٿرا پنجاب بابر صاحب دين کي تمغه امتياز ڏنو ويندو، قائداعظم محمد علي جناح جي علاج ڪندڙ ڊاڪٽر گل رتن جي پٽيل ۽ ڊاڪٽر گل ڊائبو کي بعد از مرگ نشان قائداعظم سان نوازيو ويندو، سعودي شهزادي سعود بن نائف کي هلال پاڪستان سان نوازيو ويندو، ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان کي ستاره پاڪستان، ترڪيه جي دفاع واري وزير يشار گولر کي ستاره پاڪستان ۽ ترڪيه جي واپار واري وزير عمر بولات کي پڻ ستاره پاڪستان ڏنو ويندو، ڊاڪٽر خالد عباس الاسدي ۽ ڊاڪٽر پال جيڪب ڀٽي کي تمغه امتياز سان نوازيو ويندو.