پي ٽي آءِ هٿياربند جي جي ايڇ ڪيو ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ مارجي ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سڪيورٽي فورسز جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ جي هٿياربند جي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
سڪيورٽي فورسز وقتائتي ڪارروائي ڪندي مال روڊ راولپنڊي ۾ فائرنگ ڪندڙ جوابدار کي ماري ڇڏيو.
فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ فوجي جوان زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور اسپتال نيو ويو.
سڪيورٽي فورسز موجب، مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ خيبر ضلعي سان تعلق رکندڙ محمد حسين طور ٿي آهي.
سڪيورٽي فورسز جو چوڻ آهي ته جوابدار پاڪستان تحريڪ انصاف جو سرگرم ڪارڪن هو ۽ پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي جلسن ۽ احتجاجن ۾ شرڪت ڪندو رهيو آهي.
جاچ موجب، جوابدار جا پي ٽي آءِ جي قيادت ۽ اسيمبلي ميمبرن سان پڻ ڪيترائي رابطا سامهون آيا آهن.
سڪيورٽي فورسز موجب، جوابدار محمد حسين جي قبضي مان پارٽي جو جهنڊو، هٿيار، گوليون ۽ اهم دستاويز پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.

You might also like