جاني انفانٽينو ڀلو ماڻهو آهي، کائنس فيفا جي صدارت کسڻ جهڙي ”ڀوائتي غلطي“ نه ڪيو : ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فيفا جي صدر جاني انفانٽينو جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويو.
هڪ بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته جاني انفانٽينو کي فيفا جي صدارت تان هٽائڻ ڀوائتي غلطي هوندي، تنهنڪري فيفا کي جاني انفانٽينو کي هٽائڻ تي غور به نه ڪرڻ گهرجي.
آمريڪي صدر جاني انفانٽينو جي واکاڻ ڪندي وڌيڪ چيو ته جاني انفانٽينو سٺو ماڻهو آهي، سندس قيادت ۾ سڀ کان ڪامياب ورلڊ ڪپ ٿيو آهي، جڏهن ته سندس وڃڻ سان ورلڊ ڪپ ٻيهر ايترو ڪامياب يا منافعي بخش نه رهندو.

You might also like