شڪارپور لڳ ناپر ڪوٽ پوليس مقابلو، ٽي ڏوھاري مارڻ جي دعويٰ

شڪارپور (رپورٽ:ذوالفقار مگسي) شڪارپور لڳ ناپر ڪوٽ پوليس جو ڏوھارين سان مقابلو،ٽي ڏوھاري مارجي ويا ،ھڪ پوليس اھلڪار زخمي ٿي پيو آهي. گذريل ڏينهن  خانپور ڀرسان ناپر ڪوٽ پوليس جو ڏوھارين سان شجراع لاڙي ڀرسان مقابلو ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ ٽي ڏوھاري مارجي ويا جڏھن ته  پوليس ڊرائيور برڪت مڱڻيجو سخت زخمي ٿي پيو زخمي اھلڪار کي فوري طور تي خانپور اسپتال آندو ويو جتي کيس طبي امداد ڏيڻ بعد گڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال نيو ويو مارجي ويل ڏوھارين جو لاش خانپور اسپتال منتقل ڪيا جتي کين پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ۽ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو  ڏوھارين جي شناخت ڪرڻ لاء بائيو ميٽرڪ ٽيم پھچي مارجي ويل ڏوھارين جي بائيو ميٽرڪ ذريعي سڃاڻپ ڪئي وئي ربنواز پٽ غوث بخش جعفري ،ظفرالله پٽ اڪبر جعفري ،عزيزالله پٽ  عيسو تيغاڻي طور ڪئي وئي مارجي ويل ڏوھارين مٿان ضلعي شڪاپور جي مختلف ٿاڻن رحيم آباد ناپر ڪوٽ لکي در لوڊرا لکي غلام شاھ ۾  چوري ڦر قتل ۽ پوليس مقابلن  سميت ڪيترائي ڪيس پڻ داخل آھن ڊي ايس پي خانپور رانا نصرالله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حسب معمول ناپر ڪوٽ پوليس گشت ڪري رھي ھئي ته شجراع لاڙو ڀرسان ھڪ موٽر سائيڪل تي شڪي ماڻھو بيٺل نظر آيا پوليس ويجھو ايندئي ڏوھارين پوليس موبائل تي فائرنگ ڪري ڏني جنھن ۾ پوليس موبائل جو ڊرائيور برڪت مڱڻيجو کي ٻہ ڳولي ھڪ ڪک ۽ ٻي ٻانھن ۾ لڳي جنھن جي فوري طور تي خانپور مان طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج واسطي سکر اسپتال منتقل ڪيو پوليس پاران به فائرنگ ڪري ڏني جنھن ۾ ٽي ڏوھاري مارجي ويا مارجي ويل ڏوھاري کان ھڪ موٽر سائيڪل ء ھڪ ڪلاشنڪوف ھٿ ڪئي وئي آھي مارجي ويل ڏوھارين جا لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد شڪاپور سول اسپتال جي سرد خاني ۾ رکي چڏيا

You might also like