اسان جا ’ڪاڪروچ‘ ڪيڏانهن ويا؟

مظهر عباس

عام طور تي هر احتجاج هڪ چڻنگ وانگر هوندو آهي. جيڪڏهن حڪومت ان تي پاڻي وجهي ته اهو شعلو نٿو بڻجي، پر جيڪڏهن ان تي تيل يا پيٽرول هاريو وڃي ته اها باهه جهنگ جي باهه وانگر انهن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي وٺندي آهي، جيڪي پاڻي بدران تيل هارين ٿا. هن تحريڪ جا ايندڙ ڏينهن ۾ ڪهڙا نتيجا نڪرندا، اهو چوڻ اڃا جلدبازي هوندي، پر ايترو ضرور آهي ته هن تحريڪ انتهاپسند مودي واري ڀارت مان هڪ ڀيرو ٻيهر سيڪيولر ڀارت ڏانهن واپسي جي راهه ڳولڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 هن تحريڪ دوران ڪيترائي اهڙا نوجوان به سامهون آيا، جيڪي مستقبل جا اڳواڻ بڻجي سگهن ٿا. ڪو جوش ڀريون تقريرون ڪري رهيو هو ته ڪو فيض، جوش، جالب ۽ ڪيفي اعظمي جي شاعري ٻڌائي رهيو هو. ڪنهن کي هن تحريڪ ۾ ڪجهه مهينا اڳ بنگلاديش جي نوجوانن جي تحريڪ نظر آئي ته ڪنهن نيپال يا عرب اسپرنگ جا مثال ڏنا. ظلم، ناانصافي ۽ حقن جي جدوجهد لاءِ ڪنهن هڪ مطالبي سان شروع ٿيندڙ احتجاج ڪڏهن ڪڏهن حڪمرانن جي زوال جو سبب به بڻجي ويندو آهي. جيئن پاڪستان ۾ راولپنڊي پولي ٽيڪنڪ ڪاليج جي هڪ شاگرد جي پوليس فائرنگ ۾ موت خلاف احتجاج، ايوب خان جي حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻيو. اها تحريڪ کاٻي ڌر جي شاگرد تنظيم نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (اين ايس ايف) شروع ڪئي هئي.

ڀارت جي موجوده "ڪاڪروچ تحريڪ” مون کي 1953ع جي شاگرد تحريڪ جي ياد ڏياري، جنهن جا شايد اڄ واحد زندهه شاهد ۽ اڳواڻ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي آهن. اها تحريڪ به درسي ڪتابن جي مهانگائي ۽ بس ڀاڙن ۾ شاگردن لاءِ رعايتي ٽڪيٽن جي قيمتن ۾ واڌ خلاف شروع ٿي هئي. ان جا اهم اڳواڻن ۾ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي سان گڏ ڊاڪٽر سرور، ڊاڪٽر هاشمي ۽ ڊاڪٽر هارون شامل هئا. 8 جنوري 1953ع تي هڪ جلوس تي پوليس فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ اٺ نوجوان شهيد ٿيا، جن جي ياد اڄ تائين ملهائي وڃي ٿي. ڪجهه سال اڳ ان وقت جو هڪ اڳوڻو صوبائي وزير علاج لاءِ ايس آءِ يو ٽي ۾ داخل هو، تڏهن ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي کيس ياد ڏياريو ته هو به ان ئي شاگرد تحريڪ جو حصو هو، جنهن دوران سندس گاڏي کي نوجوانن باهه ڏئي ڇڏي هئي. ان کان پوءِ اسان جي حڪمرانن فيصلو ڪيو ته نوجوانن کي سياست کان ڪيئن پري رکجي. ان حڪمت عملي جي شروعات 1984ع ۾ سڄي ملڪ ۾ شاگرد يونينن تي پابندي هڻي ڪئي وئي. جواز اهو ڏنو ويو ته تعليمي ادارن ۾ تشدد وڌي ويو آهي، پر اهو ڪڏهن نه ٻڌايو ويو ته اهو تشدد آخر پيدا ڪيئن ٿيو؟ سالن تائين شاگرد يونينن جون چونڊون پرامن نموني ٿينديون رهيون، پوءِ هٿيار ڪٿان آيا؟ ڪنهن انتهاپسند شاگرد تنظيم کي هٿي ڏني وئي، تنقيدي ويهڪن، مباحثن، موسيقي ۽ ثقافتي سرگرمين کي روڪيو ويو، جڏهن ته ٻئي پاسي تعليمي ادارن ۾ لساني سياست کي وڌڻ ڏنو ويو.

اهڙي ريت اسان "ڪاڪروچ” پيدا ٿيڻ ئي نه ڏنا، پر جتي گند هوندو، اتي ڪاڪروچ ۽ ٻيا جيت ضرور پيدا ٿيندا آهن. شايد پاڪستان ته ڇا، سڄي خطي ۾ ڪا ٻي اهڙي شاگرد تحريڪ نه هجي، جيڪا صرف "شاگرد يونين بحال ڪريو” ۽ "اسين ظلم جا ضابطا نٿا مڃون” جهڙن مطالبن تي چار مهينا مسلسل هلي هجي. پر پوءِ اهو ئي ٿيو، جيڪو ماضي جي ڪيترين سياسي ۽ شاگرد تحريڪن سان ٿيندو رهيو آهي، يعني ورهايو ۽ ڪمزور ڪيو. جڏهن تحريڪ ڪاميابي جي ويجهو پهتي ته مارشل لا جي "بي ٽيم” جي اڳواڻ پنهنجي نوجوانن کي تحريڪ کان الڳ ٿيڻ جو حڪم ڏنو، ۽ اهڙي طرح تحريڪ پنهنجي مقصد تائين پهچڻ کان اڳ ئي ختم ٿي وئي.

گذريل چاليهن سالن ۾ نه رڳو شاگرد غيرسياسي بڻجي ويا، پر سڄو سماج به ورهاست جو شڪار ٿيندو ويو. سياست هجي، شاگرد تنظيمون، ٽريڊ يونينون يا صحافتي تنظيمون، سڀئي ٽڪرن ۾ ورهائجي ويون. پر "ڪاڪروچ” ڪڏهن به مڪمل طور ختم نٿو ٿئي. اهو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ وري ضرور ظاهر ٿيندو آهي. جڏهن ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا آيو ته ماڻهن کي پنهنجو آواز ملي ويو. پوءِ ڪڏهن اها تحريڪ مصر ۾ نظر آئي، ڪڏهن ڍاڪا ۾، ڪڏهن نيپال ۾ ته ڪڏهن ممبئي ۾. ان جا مثبت پهلو به آهن ۽ منفي اثر به، پر جڏهن رستا بند ڪيا ويندا ته ماڻهو پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندا.

پاڪستان ۾ تعليمي نظام جي حالت ڏسي شرم به اچي ٿي ۽ ڏک به ٿئي ٿو. سرڪاري اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهن. پي ايڇ ڊي جي ڊگري جي حيثيت به گهٽجي وئي آهي. امتحاني پيپر بار بار ليڪ ٿين ٿا، وائيس چانسلر اهڙا مقرر ٿين ٿا، جن کي شايد يونيورسٽي ۾ داخلا به نه ملي ها. ڪي يونيورسٽيون اربين رپين جا وسيلا رکن ٿيون، پر استاد پنهنجي پگهارن ۽ پينشن لاءِ روڊن تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن. فيڊرل اردو يونيورسٽي ان جو تازو مثال آهي. اهڙي صورتحال ۾ صرف شاگرد ئي نه، پر ستر ورهين جا استاد به "ڪاڪروچ تحريڪ” هلائڻ تي مجبور ٿين ٿا، پر اهي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز نٿا بڻجن، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ اها "رنگيني” نظر نٿي اچي.

شاگرد غلط ٿي سگهن ٿا، جذباتي به ٿي سگهن ٿا، پر انهن کي غدار نٿو چئي سگهجي. "ڪاڪروچ تحريڪ” مان اهو سبق ضرور سکڻ گهرجي ته بيماريءَ جو علاج دوا سان ٿيندو آهي، لٺين ۽ ڳوڙها گيس سان نه.

ڀارت جي موجوده "ڪاڪروچ تحريڪ” مون کي 1953ع جي شاگرد تحريڪ جي ياد ڏياري، جنهن جا شايد اڄ واحد زندهه شاهد ۽ اڳواڻ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي آهن. اها تحريڪ به درسي ڪتابن جي مهانگائي ۽ بس ڀاڙن ۾ شاگردن لاءِ رعايتي ٽڪيٽن جي قيمتن ۾ واڌ خلاف شروع ٿي هئي. ان جا اهم اڳواڻن ۾ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي سان گڏ ڊاڪٽر سرور، ڊاڪٽر هاشمي ۽ ڊاڪٽر هارون شامل هئا. 8 جنوري 1953ع تي هڪ جلوس تي پوليس فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ اٺ نوجوان شهيد ٿيا، جن جي ياد اڄ تائين ملهائي وڃي ٿي.

You might also like