خير محمد آريجا ڀرسان 3 نينگريون تلاءُ ۾ ٻڏي فوت

خير محمد آريجا (رپورٽ: عطا محمد شاهه)خير محمد آريجا ڀرسان ڳوٺ ابو صمد تنيو ۾ ٻن پورهيتن جون 3 نينگريون پاڻي جي تلاءُ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون، اطلاع تي نينگرين کي پاڻيءَ جي تلاءُ مان ڪڍي ايمرجنسي ۾ لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽرن سندن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته خير محمد آريجا لڳ يونيورسٽي ايٽ آريجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ابو صمد تنيو ۾ 3 راند ڪندڙ معصوم نينگريون ڳوٺ ٻاهران پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون، اهڙو اطلاع ملڻ تي وارث واقعي واري هنڌ پهتا جتان معصوم ٻارڙن کي ڪڍي ايمرجنسي ۾ لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران 3 نينگرين 7 سالن جي دعا بتول، 6 سالن جي زهره بتول ڌيءُ علي گوهر شيخ ۽ 10 سالن جي تنجينه ڌيءُ حافظ اقبال احمد شيخ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جنهن بعد فوتي نينگرين جا مڙهه سندن جا وارث کڻائي ڳوٺ ابو صمد تنيو گھر پهتا ته سندن جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته ٻن فوتي نينگرين جو پيءُ علي گوهر شيخ ڪراچي هئڻ ڪري سندن جي تدفين اڄ سندن جي ڳوٺ ابو صمد تنيو ۾ ادا ڪئي ويندي، جڏهن ته اهڙي واقعي بعد ڳوٺ ۾ سوڳ جي لهر پکڙجي وئي.

You might also like