ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ لاڳيتو ٻئي ڏينهن به وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو 4 هزار 600 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 27 هزار 436 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 3 هزار 944 رپيا لاٿ سان 3 لک 66 هزار 457 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت 46 ڊالر گهٽتائي سان 4 هزار 50 ڊالر تي اچي وئي آهي.
You might also like