گرمي جي ستايل ڪراچي واسين لاءِ سٺي خبر، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي شهر جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اڄ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان سان برسات ۽  شهر هلڪي مِينهن ۽ ڦُڙ ڦُڙ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته شهر ۾ گرمي ۽ ٻُٽ واري صورتحال برقرار رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي جي ترجمان موجب، چوماسي هوائن جو سلسلو هن وقت ملڪ جي مٿانهين علائقن کي متاثر ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ايندڙ هفتي تائين ڪراچي ۾ تيز برسات جو امڪان ناهي.
هن چيو ته آگسٽ دوران برساتن جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا، پر هن وقت ان بابت حتمي طور ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو.
موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوا ۾ گهم جو تناسب 69 سيڪڙو آهي، جڏهن ته شهر ۾ اولهه کان کان 9 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گُهلي رهيون آهن.

You might also like