سکر/خيرپور(رپورٽ سيد نعيم شاھ+ مختيار ڦلپوٽو)سنڌ حڪومت ۽ پوليس اونداهي رات ۾ پرامن احتجاج ڪندڙن تي ڪاري رات برپا ڪري ڇڏي. امڙين ۽ نياڻين جي تذليل ڪندي گهليندي رهي. پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي پاران 27 ڏينهن کان جاري احتجاجي ڌرڻي تي پوليس ڪاري تاريخ قائم ڪري ڇڏي رات جي ٽئين پهر ۾ تيز طوفاني هوا ۽ برسات جو فائدو وٺندي پوليس ڌرڻي تي چڙهائي ڪري ڏني، ڌرڻي ۾ ويٺل اڳواڻ قوم پرست پارٽي جي اڳواڻن، وڪيل، صحافي ۽ وارث مٿان تشدد کين گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود سندن گرفتاريون ظاهر نه ٿي سگهيو پوليس جي اهڙي عمل تي سموري سنڌ ۾ سخت ردعمل سنڌ واسين جي پرامن مظاهرين مٿان چڙهائي ڪري تشدد ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ واسي سراپا احتجاج بڻجي ويا. خيرپور ضلعي جي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ 27 ڏينهن کان جاري پرامن ڌرڻو، جيڪو گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سنڌ ۾ انساني حقن جي علامت بڻيل هو، گذريل رات هڪ اهڙي واقعي جو شاهد بڻيو، جنهن نه رڳو ڌرڻي ۾ ويٺل ماڻهن کي، پر سڄي سنڌ جي سياسي، قانوني ۽ صحافتي حلقن کي ڇرڪائي ڇڏيو اکين ڏٺن شاهدن موجب، رات جو لڳ ڀڳ 3 وڳي، جڏهن برسات سبب ڪيترائي مظاهرين برسات سبب هيڏي هوڏي ٿيا هئا، تڏهن پوليس وڏي نفري سان ڌرڻي واري هنڌ تي پهتي ۽ اوچتو ڪارروائي شروع ڪئي. مظاهرين جو چوڻ آهي ته پوليس بنا جواز بنا مغوي ٻار بازياب ڪرائڻ جي ڌرڻو ختم ڪرائڻ پئي چاهيو ۽ اڳواڻن کين ڌرڻو ختم ڪرڻ صاف انڪار ڪيو جنهن تي پوليس مظاهرين مٿان لاٺي چارج ڪيو ۽ پرامن ويٺل ماڻهن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو. ڪارروائي دوران پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ سهڻي پارس ، لياقت جلباڻي، قوم پرست اڳواڻن امجد مهيسر سندس ساٿين ۽ ٻين اڳواڻن توڙي مغوي ٻارن جي وارثن ۽ ڪجهھ صحافين کي پڻ گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو . پوليس ڪارروائي دوران صرف احتجاج ڪندڙ ئي نه، پر پنهنجو پيشورانه فرض نڀائيندڙ صحافي پڻ مبينا تشدد کان بچي نه سگهيا. صحافين موجب، ڪوريج دوران سندن موبائل فون کسي ورتا ويا، ڪجهه صحافين کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ ڪيترن سان ئي بدسلوڪي ڪئي وئي، جنهن سبب صحافتي تنظيمن ۾ به سخت بيچيني پکڙجي وئي واقعي دوران خيرپور جي وڪيل برادري جا اڳواڻ ۽ وائيس آف خيرپور سان لاڳاپيل ايڊووڪيٽ فياض خميساڻي ۽ ايڊووڪيٽ عضنفر جتوئي پڻ پوليس تشدد جو شڪار ٿيا، جنهن تي قانوني حلقن سخت احتجاج ڪيو آهي جڏهن ته تشدد جو نشانو بڻيل وڪيل اڳواڻ چيو ته افسوس آهي جو پوليس بزدلي جو مظاهرو ڪندي اسان پرامن مظاهرين مٿان لاٺي چارج ڪئي ۽ اسان سميت سمورن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي هنن چيو ته افسوس آهي جو پوليس سرعام سنڌ واسين مٿان بدترين تشدد ڪيو آهي پوليس هيترا ڏينھن گذرڻ باوجود مغوي ٻارن کي آزاد نه ڪرائي سگهي ۽ پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ اسان پرامن هٿين خالي ماڻهن مٿان تشدد ڪيو آهي ۽ سنڌ جي ننگن کي روڊن تي گهليو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي،