ميرپورخاص(رپورٽ: غفاررند) ميرپورخاص کپرو کاھي روڊ تي ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل ڀيرو ڪولهي جون آخري رسمون 36 ڪلاڪن جو ڌرڻو ختم، قاتلن جي گرفتاري لاءِ جاچ جاري کپرو لڳ کاهي ٿاڻي جي حد ۾ کپرو-کاهي روڊ تي فتح علي موڙ ڀرسان ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن هٿان قتل ٿيل نوجوان ڀيرو ڪولهي جون آخري رسمون دولت آباد ڀرسان سندس ڳوٺ ۾ سوين سوڳوارن جي موجودگي ۾ ادا ڪري مڙهه کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڀيرو ڪولهي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ برادري پاران 36 ڪلاڪن تائين جاري رکيل ڌرڻو ايس ايس پي سانگهڙ شاهنواز چاچڙ جي خاطري بعد ختم ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ مقتول جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو ۽ پوءِ آخري رسمون ادا ڪيون ويون. ان موقعي تي مقتول جي تڏي تي وارثن سان عذرخواهي جو سلسلو پڻ جاري رهيو. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين مقتول ڀيرو ڪولهي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. ذريعن موجب کاهي پوليس مبينا طور ڪجهه جوابدارن کي تحويل ۾ ورتو هو، پر بعد ۾ بااثر ڌرين جي مبينا مداخلت سبب کين آزاد ڪيو ويو، جنهن سبب معاملو وڌيڪ مونجهاري جو شڪار ٿي ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڦر ۽ قتل ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ پڻ ٿي چڪي آهي، جڏهن ته بااثر ڌرين جي مبينا مداخلت سبب ڪيس جي ڪارروائي ۾ دير ٿي رهي آهي، کاهي پوليس سموري صورتحال بابت ايس ايس پي سانگهڙ شاهنواز چاچڙ کي آگاهه ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او کاهي منير جتوئي جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي سانگهڙ پاران جوڙيل ٽيم، جنهن ۾ ايس ايڇ او سانگهڙ گلزار مري، ايس ايڇ او کپرو شريف جمالي، پيرومل ٿاڻي جو ايس ايڇ او ۽ سي آءِ اي انچارج زاهد ڪڀوه شامل آهن، مختلف رخن کان جاچ ڪري رهي آهي. هن چيو ته روڊ تي لڳل سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي فوٽيج سميت سمورن ذريعن کان مدد وٺي جوابدارن تائين پهچڻ لاءِ جاچ جاري آهي. ياد رهي ته ڦر دوران مزاحمت تي ڀيرو ڪولهي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو.