ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته جلال پور ڪينال تي سنڌ جا اعتراض برقرار آهن ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ به ڪينال منصوبي خلاف ويا آهيون.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ کي هميشه پنهنجي حصي کان گهٽ پاڻي مليو آهي، جڏهن ته ٽيليميٽري سسٽم ۽ ارسا جي پاڻي ورڇ واري طريقيڪار تي پڻ ڪيترائي ڀيرا اعتراض واريا ويا آهن.
مراد علي شاهه چيو ته پاڻي بابت ماهرن تي ٻڌل ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي، جيڪا آبي معاهدن جو جائزو وٺندي ۽ مستقبل لاءِ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪندي.
هن چيو ته سنڌ جي پاڻي جي حقن جي تحفظ لاءِ هر آئيني، قانوني ۽ فني فورم تي آواز اٿاريو ويندو.
گم ٿيل ٻارن جي والدين جي تڪليف جو احساس آهي، بازيابي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين: مراد علي شاهه
گم ٿيل ٻارڙين واري معاملي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته گم ٿيل ٻارن جي والدين جي تڪليف جو کيس مڪمل احساس آهي ۽ حڪومت ٻارن جي بازيابي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.
هن چيو ته گهرو وزير سڄي معاملي جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي، جڏهن ته شهرين کي اپيل ڪئي ته هو قانون هٿ ۾ نه کڻن.
مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته هو والدين کي خاطري ڪرائي ٿو ته گم ٿيل ٻارن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري آهن ۽ حڪومت ان معاملي کي انتهائي سنجيدگي سان وٺي رهي آهي.
جلال پور ڪينال تي اعتراض برقرار آهي، سنڌ جي پاڻي لاءِ هر فورم تي آواز اُٿاريو ويندو: وڏو وزير
You might also like