موسميات کاتي ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ ۾ تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان گڏ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي
موسميات کاتي موجب عربي سمنڊ مان نمي واريون هوائون مٿانهين ۽ وچ وارن علائقن ۾ لڳاتار داخل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر تي انهن هوائن جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته اولهندي هوائن جو هڪ سلسلو سومر ڏينهن ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ داخل ٿيندو.
موسميات کاتي موجب ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 18 کان 25 جولاءِ تائين تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي وڌيڪ ٻڌايو ته خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ 19 کان 23 جولاءِ تائين برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب اسلام آباد، راولپنڊي، مري ۽ لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ به تيز هوائن ۽ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي زوب، بارکان، موسيٰ خيل، لورالائي، سبي ۽ زيارت ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ سخت گهم واري رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ٿرپارڪر، مٺي، سکر، لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد ۾ 20 کان 22 جولاءِ تائين برسات پوڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب 20 کان 25 جولاءِ تائين خيبرپختونخوا، مري، گلگت ۽ ڪشمير ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو پڻ آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو ته سنڌ جي اڪثر هنڌن تي اڄ موسم گرم ۽ نمي واري رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي سميت سنڌ جي سامونڊي پٽي تي ايندڙ ٽن ڏينهن دوران موسم جزوي طور جهڙالو رهڻ ۽ هلڪي بوندا باندي جو امڪان آهي، جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر تي شهر ۾ تيز هوائون هلڻ جو به امڪان آهي.