آڪٽوبر چونڊن کان اڳ اسرائيلي پارليامينٽ ٽوڙي وئي

تل ابيب(ويب ڊيسڪ)اسرائيلي پارليامينٽ (ڪنيست) 4 سالن جو آئيني مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ چونڊن کان اڳ ٽوڙي وئي.

آمريڪي خبر ايجنسي موجب اسرائيلي پارليامينٽ ٽوڙڻ کان اڳ وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومتي اتحادي پارٽين ڪيترائي تڪراري بل منظور ڪيا.

اسرائيلي پارليامينٽ 27 آڪٽوبر تي ٿيندڙ چونڊن کان اڳ ٻيهر اجلاس نه ڪندي.

پارليامينٽ جي امڪاني ٽوڙي ڦوڙ اهڙي وقت ٿي آهي، جڏهن نيتن ياهو ايندڙ چونڊن کان اڳ اقتدار برقرار رکڻ لاءِ سياسي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي.

اسرائيل ۾ عوامي راءِ جي سروي موجب مخالف ڌرين جي حمايت ۾ نمايان واڌ ڏٺي پئي وڃي، جن جي اڳواڻي اڳوڻو وزيراعظم نفتالي بينيٽ ۽ هڪ مقبول اعتدال پسند اڳوڻو فوجي سربراهه ڪري رهيا آهن.

اسرائيل جي سياسي تاريخ ۾ ڪنهن به حڪومت جو پنهنجي مڪمل 4 سالن جو آئيني مدو پورو ڪرڻ هڪ غير معمولي واقعو سمجهيو وڃي ٿو.

ان کان اڳ آخري ڀيرو 1988ع ۾ اسرائيلي حڪومت وقت کان اڳ چونڊن کانسواءِ پنهنجو مڪمل مدو پورو ڪيو هو.

اسرائيل ۾ وزيراعظم جي عهدي لاءِ آئيني طور ڪا مقرر مدت جي حد موجود ناهي، ۽ نيتن ياهو ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ عرصي تائين وزيراعظم رهندڙ اڳواڻ آهن، تنهن هوندي به انهن لاءِ به مڪمل 4 سالن جو مدو پورو ڪرڻ هڪ غير معمولي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي.

You might also like