ويسٽ انڊيز جي ليجنڊري آل رائونڊر گيري سوبرز لاڏاڻو ڪري ويا.
ويسٽ انڊيز جي مشهور آل رائونڊر ۽ دنيا جي عظيم ترين ڪرڪيٽرن مان هڪ سر گيري سوبرز 89 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.
سر گيري سوبرز ويسٽ انڊيز طرفان 93 ٽيسٽ ميچون کيڏيون، جن ۾ هن 8 هزار کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون ۽ 235 وڪيٽون حاصل ڪيون.
هن پنهنجي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ڪيريئر ۾ 383 ميچون کيڏندي 28 هزار کان وڌيڪ رنسون اسڪور ڪيون ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ وڪيٽون ورتيون.
سر گيري سوبرز ڪرڪيٽ جي تاريخ جو اهو پهريون بيٽسمين هو، جنهن هڪ ئي اوور ۾ 6 ڇڪا هنيا هئا.