ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) زمبابوي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ سنجو سيمسن کي اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪرڻ واري فيصلي کي 2028ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تيارين جو حصو قرار ڏنو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سليڪشن ڪميٽي ۽ ٽيم مئنيجمينٽ هاڻي کان ئي 2028ع جي ورلڊ ڪپ لاءِ نئين ٽيم تيار ڪرڻ جي حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن تحت وڪيٽ ڪيپر بيٽر پربھسمرن سنگهه کي موقعو ڏنو ويو آهي.
رپورٽن موجب، سنجو سيمسن کي سليڪشن بابت اعتماد ۾ ورتو ويو آهي ۽ کيس ٻڌايو ويو آهي ته هي فيصلو رڳو عارضي آهي.
هو اڃا به سليڪٽرن جي ڊگهي مدي واري رٿابنديءَ جو حصو آهي ۽ ايشين گيمز لاءِ ڀارتي اسڪواڊ ۾ شامل رهندو.
زمبابوي دوري لاءِ ارشديپ سنگهه، اڪشر پٽيل، هرشيت راڻا، واشنگٽن سُندر ۽ پراسيڌ ڪرشنا کي به آرام ڏنو ويو آهي، جيئن وڌيڪ نوَن رانديگرن کي آزمايو وڃي.
ٻئي پاسي اِهي به خبرون آهن ته وي وي ايس لڪشمڻ زمبابوي جي دوري ۽ ايشين گيمز دوران ڀارتي ٽيم جي سپورٽ اسٽاف جي اڳواڻي ڪندو، جڏهن ته سنيِل جوشي ۽ هريشيڪيش ڪنٽيڪر به ڪوچنگ اسٽاف جو حصو هوندا.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو هيرو سنجو سيمسن مستقبل جي پلان مان آئوٽ؟ گوتم بدران لڪشمڻ ڀارت ڪوچنگ ڪندو
You might also like