اسپيڪر اياز صادق آئين ۽ قانون لتاڙيو آهي:محمود اچڪزئي

اسلام آباد(بيورو)مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو آهي ته عمران خان جيل ۾ آهي. آخر هن ڇا ڪيو آهي؟ هن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ ننڍڙا ننڍڙا ٻار به متاثر ٿي رهيا  آهن. شهباز ڀاءُ! جلوسن تي پابندي آهي، جلسن تي پابندي آهي، عوامي گڏجاڻين تي پابندي آهي. مهرباني ڪري ماڻهن جي ڳالهه ٻڌڻ جي ڪوشش ڪريو.جناب اسپيڪر! اسين توهان جا دوست آهيون، آئين تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ٿيندو. پارليامينٽ ئي طاقت جو سرچشمو هجڻ گهرجي،هن چيو ته اسپيڪر نه آئين جو خيال رکيو نه هن ايوان جي احترام جو خيال رکيو،هن اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته  توهان وٽ ڪيترن ئي دورن جو تجربو هئڻ باوجود نه آئين جو احترام ڪيو، نه ايوان جي وقار جو، ۽ نه ئي جمهوريت جي روايتن جو. وڏي مهارت سان توهان پنهنجن ئي چوڏهن ساٿين کي اسيمبليءَ مان معطل ڪرائي ڇڏيو. هن چيو ته  هڪ ماڻهو، ڀلي جن ئي ڇو نه هجي، ايترا سڀ ڏوهه ڪيئن ڪري سگهي ٿو؟پنج ماڻهن کي في ماڻهو ٻه سئو ستاسي سال قيد جي سزا ڏني وئي آهي. دنيا جي ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ اهڙو مثال نٿو ملي.پاڪستان جو آئين چوي ٿو ته جيڪو آئين کي ٽوڙيندو، لتاڙيندو يا ان جي بي حرمتي ڪندو، اهو سنگين غداريءَ جو ڏوهاري هوندو، ۽ جيڪي ماڻهو ان عمل ۾ ساڻس گڏ هوندا، اهي به برابر جا ذميوار هوندا.جناب اسپيڪر! اسين مجبور آهيون، ڇو ته پاڪستان اسان جو ملڪ آهي.ڪالهه هڪ وزير چيو ته اسلام آباد ۾ وڌيڪ جيلون ٺاهينداسين. مان چوان ٿو ته پاڪستان کي جيلن جي نه، انصاف جي ضرورت آهي.توهان هن پارليامينٽ کي ورهايل سماج کان به وڌيڪ ورهائي ڇڏيو آهي. اسين بار بار توهان کي چوندا رهيا آهيون، پر توهان رحم نٿا ڪريو.مون اڳ به ڳالهه ڪئي هئي، جنهن جو جواب شهباز ڀاءُ ڏنو، پر سندن ڳالهائڻ جو انداز مون کي مناسب نه لڳو. شهباز ڀاءُ! توهان هن ملڪ جا وزيراعظم آهيو، توهان کي تحمل ۽ بردباري سان ڳالهائڻ گهرجي.

 

You might also like