حيدرآباد (پ ر) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ،ذوالفقار آباد، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 28ھين ترميم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي متحد ۽ مضبوط سنڌ جي عنوان سان 15ھين ڏينھن به سنڌ جي مختلف شھرن ۾ مظاھرا، ڪارنر گڏجاڻيون عوامي رابطا مهم ذريعي ھينڊ بل ورھايا ويا. ان ڏس ۾ شجاع آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي ميرپور خاص جي صدر مقصود احمد ڀرڳڙي، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، سنڌي نوجوان تحريڪ جي اڳواڻ هادي بخش ڀرڳڙي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، غوثپور ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سرور جعفري، غوثپور صدر راشد ڀيو، غوثپور نياز احمد ڀيو ٻين متحد ۽ مضبوط سنڌ جي نالي جاگرتا مھم ھلائي دوڪان تي ھينڊ بل ورھايا دڪاندارن پاران مھم جي آجيان. ٽنڊو الهيار شهر ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو ضلعي اجلاس سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ جميلا لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جولائي ۾ متحد ۽ مضبوط سنڌ مارچ ڪيو ويندو، نئوديرو ۾ قومي عوامي تحريڪ لاڙڪاڻي ضلعي جي نائب صدر سڪندر علي لاشاري، امان الله ڀٽو، عبدالرحمان سپڙو جي اڳواڻي ۾ ھينڊل بل ورھايا ويا عوام پاران ڀرپور موٽ. نصيرآباد ۾ ڪارنر گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي ڪارنر گڏجاڻي کي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ضمير مغيري،نادر ٻرڙو، انعام الله ڪانڌڙو، اڪبر شيخ سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن حفيظ تنيو، حنيف تونيو خطاب ڪيو. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ جميلا لغاري خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ لاءِ ڪينسر آهن.سنڌ انتھائي خطرناڪ حالتن مان گذري رھي آھي. سنڌ دشمن قوتون سميت پيپلزپارٽي، ڪرپٽ سنڌ حڪومت سنڌ لاءِ خطرو بڻجي ويا آھن. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مقصود ڀرڳڙي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۽ سنڌين جا مخالف چاهين ٿا ته سنڌ ورهايل ھجي، سنڌين ۾ اتفاق ۽ اتحاد بدران هڪٻئي جي ڳچين ۾ ھٿ ھجن، خونريزي ھجي. جھيڙا ھجن. سنڌين کي ذات جي بنياد تي، برادري، نسل، قبيلي، فرقي ۽ عقيدي جي بنياد تي هڪٻئي سان ويڙھائي، ڪمزور ڪري، سنڌ جو درياهه، پاڻي، قدرتي وسيلا، زمينون، گئس، تيل، ڪوئلو، شھر، ٽيڪسز، بندرگاھ، جبل، معدنيات، ٻيٽ ۽ سنڌ جي هر شئي قبضو ڪيو پيو وڃي. سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪرڙ ريٻاري خطاب ڪندي چيو ته سنڌ دشمن چاھين ٿا ته سنڌ ڀلي ڪرپشن جي گهيري ۾ ھجي، گورننس برباد ھجي، علم، صحت، زراعت، ميرٽ سڀ تباھ ھجن، نوڪريون وڪرو ٿينديون رهن، سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ حفيظ تنيو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ دشمن حڪمرانن جو منصوبو آھي ته آئيني ترميمن، اقتصادي ترقي ۽ انتھا پسندي جي آڙ ۾ سنڌ جي تخت گاھ ڪراچي،ناڻي، پاڻي ۽ وسيلن تي قبضو ڪري سنڌين کي پنھنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪيون، اياز لطيف پليجو ۽ قومي عوامي تحريڪ جو مقصد آھي ته پاڻ سمورا سنڌي متحد ٿي سڄي سنڌ کي مضبوط ڪري پنھنجي وسيلن ۽ وحدت جي حفاظت ڪيون.