شڪارپور/ ڊکڻ/ ڳڙهي ياسين (نمائندن وٽان) ڊکڻ ۾ علم پاڪ چاڙهڻ دوران افسوسناڪ واقعو، بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب تقريبن 8 عزادار فوت ٿي ويا، 10 کان مٿي زخمي ٿي پيا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڊکڻ جي ڳوٺ بڊو ۾ علم پاڪ لڳائڻ دوران 11 ھزار وولٽيج تارن ۾ علم پاڪ لڳڻ سبب 8 عزادار فوت ٿي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ڪجهه مومنن جي حالت ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي، کين لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، واقعي واري هنڌ موجود ڪجهه عزادارن ٻڌايو ته علم پاڪ چاڙھڻ دوران بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ سبب تقريبن 13 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ 10 کان وڌيڪ ماڻهوَ زخمي ٿي پيا آهن، هن وقت سڀني فوتين جي نالن جي خبر ناهي پئجي سگهي، جڏهن ته ريسڪيو ذريعن موجب فوتين ۾ شفيق لولائي، خالد حسين، ارباب علي، ھيرو، پيرو، ظهير لولائي، عمران ۽ هدايت الله وحيد لولائي شامل آهن، واقعي کان پوءِ علائقي ۾ قيامت جهڙو منظر ڏسڻ ۾ آيو، فوتين ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي، ڊي سي شڪارپور شڪيل ابڙي جي جاري ڪيل بيان موجب سمورن فوتين توڙي زخمين کي رتيديري مدئجي ۽ لاڙڪاڻي اسپتالن ڏانھن اماڻيو ويو آهي.
سنڌ حڪومت ڊکڻ واقعي جي متاثرن سان گڏ آهي: سينئر وزير
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ شڪارپور ۾ بجلي جي ڪرنٽ جي افسوسناڪ واقعي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، هڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو افسوسناڪ واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن، الله تعاليٰ مرحومن کي پنهنجي رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سوڳوارن کي صبر ۽ همت عطا ڪري، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڏک جي هن گھڙي ۾ متاثر خاندانن سان گڏ آهي ۽ انهن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، هن چيو ته انتظاميه کي هدايت ڪئي وئي آهي ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪري ۽ سڀني پاسن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ رپورٽ پيش ڪري، ذميوار رخن جو تعين ڪيو ويندو ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن افسوسناڪ واقعن کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي سگهجن. عوامي جان ۽ مال جو تحفظ سنڌ حڪومت جي اولين اولیتن ۾ شامل آهي.