آمريڪا سان معاھدي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آھيون: سعيد خطيب زادو

تھران(ويب ڊيسڪ)ايران جي نائب پرڏيهي وزير سعيد خطيب زادا چيو آهي ته تهران آمريڪا سان معاهدي تي مرحليوار اڳڀرائي لاءِ تيار آهي، پر شرط اهو آهي ته واشنگٽن پنهنجي سنجيدگي ثابت ڪري ۽ اسرائيل کي لبنان بابت مفاهمتي يادداشت جي شرطن تي عمل ڪرائڻ کي يقيني بڻائي.

الجزيرا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سعيد خطيب زادا چيو ته ايران سفارتڪاري کي ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو سمجهي ٿو، پر آمريڪا کي اهو يقيني بڻائڻو پوندو ته اسرائيل پنهنجون ڪارروايون مستقل بنيادن تي روڪي ۽ معاهدي جي پابندي ڪري.

ايراني نائب پرڏيهي وزير لبنان ۾ تازن اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل جي لڳاتار جنگي ڪاررواين جا سنگين ۽ فوري نتيجا نڪري سگهن ٿا.

هن چيو ته ايران غزا سميت سڀني محاذن تي امن چاهي ٿو، ۽ لبنان ۾ جنگ جو خاتمو جنگبندي واري منصوبي جو اهم حصو آهي.

سعيد خطيب زادا موجب آبناءِ هرمز ۾ ايران عالمي قانونن ۽ عمان جي سهڪار سان سامونڊي اچ وڃ جي سهولت جاري رکندو. معاهدي تحت 60 ڏينهن تائين ڪنهن به قسم جي راهداري فيس لاڳو نه ڪئي ويندي، پر ان مدي کان پوءِ آبي گذرگاهه جي انتظام لاءِ نئون نظام متعارف ڪرايو ويندو.

ان کان اڳ ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو هو ته آمريڪا سان معاهدي بابت ضروري صلاح مشورا جاري آهن، ۽ جڏهن حالتون سازگار ٿينديون ته ڳالهين بابت باقاعده اعلان ڪيو ويندو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن سوئٽزرلينڊ ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيندڙ تجويز ڪيل ڳالهيون ملتوي ڪيون ويون هيون. اها اڳڀرائي ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ شديد جهڙپن کان پوءِ سامهون آئي هئي.

You might also like