آمريڪي انتظاميا جا نيتن ياھو جي مخالفن سان رابطا شروع

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي انتظاميا اسرائيل ۾ صدر نيتن ياهو جي سياسي مخالفن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

آمريڪي ميڊيا موجب ٽرمپ انتظاميا جا عملدار مبينا طور اسرائيلي مخالف ڌر جي اڳواڻن سان رابطا ڪري رهيا آهن، جن ۾ اهڙا ماڻهو به شامل آهن جيڪي اسرائيل ۾ وزيراعظم نيتن ياهو کي سياسي طور سخت مقابلو ڏئي سگهن ٿا.

اسرائيلي ميڊيا موجب آمريڪي انتظاميا جي نمائندن تازو ئي اسرائيلي مخالف ڌر جي شخصيتن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ رابطا ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون آهن.

اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽ مطابق مستقبل جي چونڊن ۾ نيتن ياهو جي جاءِ وٺڻ وارن اهم اميدوارن ۾ اڳوڻو وزيراعظم نفتالي بينيٽ ۽ اڳوڻو فوجي سربراهه گاڊي آئيزن ڪوٽ شامل آهن.

آمريڪي ميڊيا موجب اهو سڄو معاملو اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪي انتظاميا اندر اسرائيلي حڪومت بابت مايوسي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.

ٻئي پاسي آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس پڻ آمريڪا ـ ايران مفاهمتي يادداشت کانپوءِ ڪجهه اسرائيلي وزيرن طرفان آمريڪي انتظاميا تي ڪيل تنقيد جو جواب ڏنو آهي.

جي ڊي وينس چيو آهي ته اسرائيل پنهنجا گهڻا هٿيار واشنگٽن کان حاصل ڪري ٿو ۽ انهن هٿيارن جي قيمت آمريڪي شهرين جي ٽيڪسن مان ادا ڪئي وئي آهي.

هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته صرف ٽن مهينن دوران اسرائيل جي تحفظ لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻه ٽهائي هٿيار آمريڪين تيار ڪيا هئا۔

هن وڌيڪ چيو ته جيڪو آمريڪي صدر کي مسئلو سمجهي ٿو، اهو غفلت مان جاڳي حقيقتن کي سمجهي.

ان کانسواٰ اها ڳالهه به قابلِ ذڪر آهي ته تازو ايران سان جنگ دوران ۽ اسرائيل ـ لبنان جنگبندي واري مرحلي ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو بابت سخت جملا استعمال ڪري چڪو آهي.

You might also like