ٽرمپ کان نيتن ياھو کي لغام ڏيڻ جو مطالبو زور وٺڻ لڳو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي واري معاهدي کي لبنان ۾ جاري اسرائيلي حملن سبب سخت خطرا لاحق ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي لغام ڏيڻ جو مطالبو زور وٺڻ لڳو آهي.

الجزيره جي هڪ خاص رپورٽ ۾ عالمي شهرت يافته تجزيه نگارن ۽ ماهرن جا رايا ڇپيا ويا آھن.

رپورٽ موجب تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسرائيل لبنان ۾ پنهنجون فوجي ڪارروايون بند نه ڪيون ته سڄو سفارتي عمل متاثر ٿي سگهي ٿو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته معاهدي ۾ واضح طور لبنان سميت سڀني محاذن تي فوجي ڪاررواين جي مستقل خاتمي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، پر اسرائيل لبنان ۾ حملا جاري رکيو ويٺو آهي ۽ وڌيڪ علائقن تي قبضي جا اشارا به ڏئي رهيو آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لبنان سميت سڀني محاذن تي مڪمل جنگبندي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ امن واري عمل کي اڳتي وڌڻ ڏنو وڃي.

ٻئي پاسي ايران واضح موقف اختيار ڪيو آهي ته جيڪڏهن لبنان تي حملا جاري رهيا ته معاهدي کي حتمي شڪل نٿي ڏئي سگهجي.

تازن اسرائيلي حملن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ فني سطح جون ڳالھيون به ملتوي ڪيون ويون آهن. ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن لبنان تي بمباري جاري رهي ته اسرائيل کي سخت ردعمل کي منهن ڏيڻو پوندو.

مشهور تجزيه نگار تريتا پارسي موجب لبنان جو معاملو آمريڪا ـ ايران معاهدي جي سڀ کان وڏي ڪمزوري ۽ اهم امتحان آهي، ڇاڪاڻ ته ايران لبنان ۾ جنگبندي ۽ اسرائيلي فوجن جي واپسي واري مطالبي تي سنجيده آهي.

ٻئي پاسي آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس پڻ اسرائيل تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته بيروت جي شهري علائقن تي حملا قبول جوڳا ناهن.

هن اهو به اشارو ڏنو آهي ته آمريڪا، اسرائيل سان اختلافن باوجود، امن واري عمل کي نقصان پهچڻ نه ڏيڻ چاهي ٿو.

رپورٽ موجب ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ واقعي هن معاهدي کي ڪامياب بڻائڻ چاهي ٿو ته کيس رڳو بيان ڏيڻ بدران اسرائيل تي عملي دٻاءُ به وجهڻو پوندو، جيئن لبنان ۾ فوجي ڪارروايون روڪي سگهجن.

You might also like