ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سڄي ملڪ ۾ في تولو سون جي اگھھ ۾ معمولي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سڄي ملڪ ۾ في تولو سون 43 رپيا سستو ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ في تولو سون جي قيمت 4 لک 37 هزار 993 رپيا ٿي وئي آهي.
ايسوسيئيشن موجب اهڙيءَ طرح 10 گرام سون جو اگهه 39 رپيا گهٽجي 3 لک 74 هزار 166 رپيا ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 43 سينٽ گهٽجي 4155 ڏهائي 5 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.