حيدرآباد(رپورٽر) سينٽرل جيل جي وومين جيل ۾ قيد ايس ايس پي آفيس حيدرآباد سيل جي اڳوڻي انچارج ماريو ساريو جي امڙ نشا ساريو سنڌ حڪومت کان ڌي لاءِ انصاف ۽ شفاف جاچ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته شفاف جاچ لاءِ سنڌ حڪومت انڪوائري ڪميٽي قائم ڪري ڇو ته اسان سان تمام وڏي ناانصافي ڪئي وئي آھي، منھنجي نياڻي ماريا ساريو 7 سالن تائين ايس ايس پي آفيس حيدرآباد جي انساني حقن جي سيل ۾ ايمانداري سان ڪم ڪيو پر موجوده ايس ايس پي منھنجي نياڻي کي آفيس گھرائي گرفتار ڪرايو آھي، ايس ايس پي ناانصافي ڪندي ڪيس داخل ڪرائي گرفتار ڪرايو ۽ منھنجي نياڻي سان تمام وڏي ناانصافي ڪئي وئي، اسان جيل کان ڊڄڻ وارا ناھيون، شھيد محترم بينظير ڀٽو آصف علي زرداري به جيل ويا ۽ انھن به جيل جون سختيون برداشت ڪيون، اھڙو اظھار ھن حيدرآباد جي عدالت ۾ وڪيلن سان گڏ پنھنجي نياڻي ماريو ساريو ۽ کدڙن فقيرن جي ضمانت لاءِ داخل ٿيل درخواست جي ٻڌڻي بعد عدالت کان ٻاھر ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو، نشا ساريو چيوته مون پنھنجي نياڻي ماريا ساريو کي چيو ھو ته موجوده ايس ايس پي سان گڏ ڪم نه ڪر ھن مان توکي نقصان پھچندو، منھنجي نياڻي عورتن ۽ ٻارن جي حقن مسئلن لاءِ تمام بھتر ڪم ڪيو آھي جنھن جو سمورو رڪارڊ موجود آھي. بھتر ڪم ڪرڻ وارن سان پوليس اھو انصاف ڪري ٿي جيڪو منھنجي نياڻي سان ڪيو ويو. جيل توڙي پوليس طرفان جيڪو تشدد ڪيو ويو ۽ ايس ايس پي جيڪا ناانصافي ڪئي آھي، ان جي جاچ ايماندار پوليس آفيسر کان ڪرائي وڃي ته ايس ايس پي آفيس ۾ احتجاج ڪنھن جي چوڻ تي ڪيو ويو ۽ گرفتاريون ڪئين ٿيون ۽ ايف آءِ آر ۾ جيڪو ڪجھه لکيو ويو آھي ڇا اھو سچ آھي اسان اعليٰ اختيارين مان ۽ عدالت مان انصاف جي اميد ڪريون ٿا.