ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ حڪومت، گهرو کاتي ۽ آمريڪي وفد جي وچ ۾ هڪ اعليٰ سطحي فاصلاتي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ امن امان، عوامي تحفظ ۽ سنڌ پوليس جي صلاحيتن ۾ واڌ بابت تفصيلي خيال ونڊيا ويا.اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو کاتو سنڌ محمد اقبال ميمڻ، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو، اسپيشل سيڪريٽري گهرو کاتو سعيد شيخ، ڊي آءِ جي فيض الله ڪوريجو ۽ بلال شيخ شرڪت ڪئي، جڏهن ته آمريڪي حڪومت ۽ انٽرنيشنل نارڪوٽڪس اينڊ لا انفورسمنٽ جي نمائندن پڻ ورچوئل ذريعي اجلاس ۾ حصو ورتو. اجلاس دوران سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس ۽ آمريڪي حڪومت جي وچ ۾ جاري پراڻي ۽ مضبوط ڀائيواري کي ساراهيو ويو. شرڪت ڪندڙن سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ درپيش سيڪيورٽي چئلينجن، ڏوهاري نيٽ ورڪن خلاف جاري قدمن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ بابت خيال ونڊيا. اجلاس ۾ جديد پوليسنگ، آپريشنل صلاحيتن ۾ واڌ ۽ پوليس جي چر پت کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ان موقعي تي سيڪريٽري گهرو کاتي چيو ته امدادي پروگرامن جو مقصد صرف وسيلن جي فراهمي نه، پر ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۽ انهن جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ پڻ آهي.
ڪراچي ۾ ڪرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت، نينگر زخمي
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ماڙي پور روڊ تي دعا هوٽل ڀرسان ڪرين جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ نينگر زخمي ٿي پيو، پوليس موجب حادثو ماڙي پور روڊ تي پيش آيو، جتي ڪرين موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان حياتي وڃائي ويٺو ۽ سندس ساٿي زخمي ٿي پيو، رضاڪارن فوتي جو لاش قانوني ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندس سڃاڻپ 22 ورهين جي معيز طور ٿي. زخمي نينگر جي سڃاڻپ 15 ورهين جي رحيم جي نالي سان ٿي آهي، جنهن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، ٿاڻي ڪلري جي هيڊ محرر جاويد موجب حادثي جي اطلاع ملندي ئي پوليس موقعي تي پهچي ڪرين جي ڊرائيور آصف کي حراست ۾ وٺي ورتو، جڏهن ته ڪرين به تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪئي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي.