آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ نئين جهيڙن کانپوءِ عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
عالمي منڊي ۾ برينٽ ڪروڊ جو اگهه لڳ ڀلڳ اڍائي سيڪڙو وڌي 96 ڊالر 63 سينٽ في بيرل ٿي ويو، جڏهن ته گذريل ڏينهن ان جي اگهه ۾ 5.31 سيڪڙو گهٽتائي ڏٺي وئي هئي.
ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جو اگهه به لڳ ڀڳ ساڳئي شرح سان وڌي 100 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو آهي، اربع ڏينهن ان جي اگهه ۾ لڳ ڀڳ 6 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي هئي.