ڪماليه(ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته بجيٽ ۾ عوام تي گهٽ ۾ گهٽ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
صحافين سان ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته بجيٽ ۾ ٽيڪس وڌائڻ بدران عملدرآمد ۽ قانونن تي سختي سان عمل ڪرائڻ تي زور ڏنو ويندو.
هن چيو ته حڪومت عوام تي گهٽ ۾ گهٽ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ مهانگائي گهٽائڻ لاءِ مسلسل قدم کنيا پيا وڃن.
هڪ سوال جي جواب ۾ سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي، ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي سفارتي ڪاميابين کي ساراهيو پيو وڃي.
وفاقي وزير چيو ته سياسي پارٽين کي تنقيد بدران معاشي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي سان ڪڻڪ جي پيداوار ۾ واضح واڌ ممڪن آهي ۽ ڪجهه آبادگارن ڪڻڪ جي پيداوار 60 کان 70 مڻ في ايڪڙ تائين پهچائي آهي.