اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مملڪتي صدر آصف علي زرداري يومِ تڪبير جي موقعي تي پيغام ڏيندي چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ۽ امن پسند ايٽمي ملڪ آهي.
پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته يومِ تڪبير پاڪستان جي ناقابلِ تسخير دفاع جي علامت آهي، ۽ 28 مئي 1998 پاڪستان کي اسٽريٽجڪ خودمختياري ڏني.
هن چيو ته پاڪستان ايٽمي پروگرام قومي سلامتي جي ضرورتن تحت شروع ڪيو، ۽ قوم پنهنجن سائنسدانن ۽ هٿياربند فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪري ٿي.
صدر زرداري چيو ته عالمي دٻاءُ ۽ پابندين باوجود پاڪستان قومي مفاد جو تحفظ ڪيو، پاڪستان جي دفاعي حڪمت عملي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ضمانت آهي، ۽ جديد جنگن ۾ سائبر وارفيئر، مصنوعي ذهانت ۽ ڊرونز اهم ڪردار ادا ڪندائ
صدر مملڪت وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ۽ امن پسند ايٽمي ملڪ آهي، پاڪستان ڪنهن خلاف جارحاڻا ارادا نٿو رکي، پر ڪنهن به جارحيت جو فوري ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
واضح رهي ته ڀارت جي ايٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ پاڪستان 28 مئي 1998 تي بلوچستان جي علائقي چاغي ۾ ڪامياب ايٽمي ڌماڪا ڪيا، جنهن کان پوءِ ان ڏينهن کي ”يومِ تڪبير“ طور ياد ڪيو وڃي ٿو.