سنڌ ۾ سج نيزي تي، موسميات کاتي جي عيد جي ڏينهن ۾ سخت گرمي جي خبرداري!

موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته عيد جي ڏينهن ۾ ملڪ ۾ موسم سخت گرم رهندو.

موسميات کاتي موجب سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ميداني علائقن ۾ گرمي پد 47 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو خدشو آهي.

اڱاري ڏينهن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد جيڪب آباد ۾ 50 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

تربت ۽ بهاولنگر ۾ 48، سبي، دادو، لاڙڪاڻو ۽ موئن جو دڙو ۾ 47، سکر ۾ 46، ملتان ۽ ڊيرا غازي خان ۾ 45، ڊيرا اسماعيل خان ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

ان کانسواءِ لاهور ۾ 42، اسلام آباد ۾ 40، پشاور ۾ 38، ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ 36، مظفرآباد ۾ 35 ۽ گلگت ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 29 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.