بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي ته اميد آهي ته ايران واري تڪرار ۾ شامل ڌريون جنگبندي برقرار رکنديون.
نيويارڪ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڌريون وچولو رستو اختيار ڪندي ڳالهيون جاري رکن، ڇو ته پراڻا مسئلا هڪ رات ۾ حل نٿا ٿي سگهن.
هن چيو ته ڳالهين ۾ اڳتي وڌندڙ هر قدم امن لاءِ وڌيڪ اميدون پيدا ڪري ٿو، ۽ جيترو جلدي تڪرار ختم ٿيندو اوترو ئي شهري جاني نقصان گهٽ ٿيندو.
واضح رهي ته ان کان اڳ آمريڪا ايران تي هوائي حملا ڪري ميزائل اڏن ۽ ايراني ٻيڙين کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.
ايران چيو آهي ته حملن جو جواب ڏنو ويندو، جڏهن ته ايراني هٿياربند فوجن خبردار ڪيو ته سندن ردِعمل اڳ کان وڌيڪ شديد هوندو.
پاسدارانِ انقلاب طرفان آمريڪي ڊرون ڪيرائڻ ۽ آمريڪي فائٽر جيٽ F-35 Lightning II تي فائرنگ ڪرڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي وئي هئي.