فهد مصطفيٰ جي مهوش حيات تي ٺٺول، اداڪارا جو به ٺَپَ ٺاريندڙ جواب!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪار ۽ ميزبان فهد مصطفيٰ ساٿي اداڪارا مهوش حيات جي پراڻي بيان تي مزاحيا انداز ۾ طنز ڪئي آهي.

جيو فلمز جي بينر هيٺ رليز ٿيل فلم زومبيڊ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سينما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي. فلم ۾ سپر اسٽار فهد مصطفيٰ ”وليد“ جڏهن ته عالمي شهرت يافتا اداڪارا مهوش حيات ”زارا“ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

فلم جي تشهير لاءِ ٿيل هڪ انٽرويو ۾ ٻنهي اداڪارن شرڪت ڪئي، جنهن دوران فهد مصطفيٰ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مهوش ۽ مون ننڍپڻ کان گڏ ڪم ڪيو آهي، مهوش هميشه چوندي آهي ته مان تمام ننڍي هيس ۽ فهد وڏا هئا.

اداڪار جي ڳالهه تي گڏ ويٺل اداڪارا مهوش حيات فوراً چيو: چوندي ڇا آهيان، هيس ڀي، ان ۾ چوڻ واري ڪهڙي ڳالهه آهي.

فهد مصطفيٰٰ جواب ڏيندي چيو  تون مون کان رڳو ٻه سال ننڍي هئين، پوءِ ڇا ٿيو؟

اداڪار جي ڳالهه تي مهوش کلندي چيو ته تو هڪ پراجيڪٽ ۾ منهنجي مامي جو ڪردار ادا ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.