رياض(ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي ڳڻپ واري کاتي موجب هن سال 17 لک 7 هزار 301 ماڻهن حج جو فرض ادا ڪيو.
ايڪس (X) تي جاري بيان ۾ چيو ويو ته 15 لک 46 هزار 655 حاجي ٻاهرين ملڪن مان آيا، جن جو تعلق 165 قومن سان هو، جڏهن ته 1 لک 60 هزار 646 مقامي حاجي هئا، جن ۾ سعودي شهري ۽ اتي رهندڙ ماڻهو شامل آهن.
ڳڻپ واري کاتي موجب مرد حاجين جو انگ 8 لک 93 هزار 396 رهيو، جڏهن ته عورت حاجين جو انگ 8 لک 13 هزار 905 رهيو.
سعودي اختيارين موجب ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ حاجين مان 14 لک 85 هزار 729 هوائي رستي سان پهتا، جڏهن ته 54 هزار 429 حاجي زميني رستي ۽ 6 هزار 497 حاجي بحري رستي سان ملڪ ۾ داخل ٿيا.
واضح رهي ته گذريل سال 16 لک 73 هزار 230 ماڻهن حج جو فرض ادا ڪيو هو.