دشمن اٺ-ٻُڙي وارو معرڪه حق ڪڏهن به وساري نه سگهندو: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته اٺ ٻڙي وارو مقابلو دشمن ڪڏهن به وساري نه سگهندو.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل عاصم منير، ائير چيف مارشل ظهير بابر سڌو ۽ ايڊمرل نويد اشرف کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي فتح ۽ ڀارت جي شڪست جي شاهدي دنيا ڏني ۽ ڏيندي رهندي.
هن چيو ته معرڪه حق ثابت ڪري ڇڏيو ته اسان امن پسند آهيون پر وقت اچڻ تي ”بنيان مرصوص“به آهيون، معرڪه حق عالمي تاريخ ۾ پاڪستان جي عظمت جو باب بڻجي چڪو آهي.
معرڪه حق ۾ دنيا ڏٺو ته سڄي قوم هڪ ٿي دشمن آڏو بيهي رهي، جڏهن ته پاڪ فوج ۽ پاڪستاني عوام جي اتحاد دشمن کي ڪنڌ جهڪائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.