شهدادپور ويجهو جوابدارن سونين والين لاءِ بيواهه عورت کي قتل ڪري ڇڏيو

شهدادپور (ن ع آ) شهدادپور ويجهو ڳوٺ شير لغاري ۾ عدت ۾ ويٺل بيواھ جو لاش هٿ، اڻڄاتل جوابدارن 8سونيون واليون لاهڻ بعد گهٽا ڏئي کيس قتل ڪيو، وارثن جو الزام، هڪ مهينو اڳ  شهدادپور ويجهو ڳوٺ شير خان  لغاري جي سولنگي آباد پاڙي ۾ مرحوم محمد ھاشم سولنگي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيو هو سندس گهر واري بيواھ حميده سولنگي جيڪا عدت ۾ ويٺل هئي جنهن جو رات گهر مان لاش هٿ آيو، وارثن موجب اڻڄاتل جوابدارن گهر ۾ گهڙي سندس 8سونيون واليون لاهڻ بعد کيس گهٽا ڏئي قتل ڪري فرار ٿي ويا، هوڏانهن جٽيا پوليس موجب واقعي واري هنڌ پهتا آهيون، گهر ۾ 4 عورتون گڏ رهيل هيون چون ٿا ته جوابدار 8سونيون واليون لاهي  عورت کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ويا، لاش تحويل ۾ وٺي سمس اسپتال شھدادپور منتقل ڪري وڌيڪ جاچ ڪنداسين ته اصل معاملو ڇا آهي،  شهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته عورت جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن متاثر خاندان کي انصاف ملي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.