توهان جا سڀ روڊ ٺيڪ ٿيڻ وارا آهن:ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي بلديات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ نون ۽ جاري ترقياتي منصوبن بابت هڪ اهم جائزو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ صوبي ڀر ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن جي اڳڀرائي، فنڊنگ، وقت سر تڪميل ۽ عوامي سهولتن جي فراهمي بابت تفصيلي  غور ويچار ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ وسيم شمشاد سميت لاڳاپيل کاتن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران مختلف ضلعن ۾ جاري ترقياتي منصوبن، روڊن، فلاءِ اوورن، انڊر پاسن، ننڍين رستن جي تعمير، نيڪالِ آب ۽ شهري سهولتن بابت منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي،سيد ناصر حسين شاهه اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته جاري ترقياتي اسڪيمن جي وقت سر تڪميل حڪومت سنڌ جي اولين ترجيح آهي ۽ ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي غفلت يا دير برداشت نه ڪئي ويندي،هن چيو ته صوبي ۾ ترقياتي عمل تيزي سان جاري آهي، جڏهن ته ڪيترائي منصوبا تڪميل جي آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪا آهن۔ سندس چوڻ هو ته فلاءِ اوورن، انڊر پاسن، مرڪزي شاهراهن ۽ ننڍين رستن جي تعمير ۽ بحاليءَ جا ڪم تيزي سان مڪمل ڪيا پيا وڃن، جنهن جا مثبت اثر عوام جلد محسوس ڪندا۔ هن چيو ته سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جي نظام کي يو سي ۽ ٽائون سطح تي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي ته جيئن صفائي جي عمل جي نگراني ۽ چيڪنگ کي گراس روٽ سطح تائين فعال ۽ مؤثر بڻائي سگهجي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.