جنگ نه ٿا چاهيون پر ايران هُرمز ۾ جهازن تي حملا ڪيا ته جواب ڏينداسين: آمريڪا

واشنگٽن(ع آ نيوز) آمريڪي بچاءُ واري وزير پيٽ هيگسيٿ آبناءِ هرمز ۾ تجارتي جهازن تي حملن جي صورت ۾ ايران کي سخت نتيجن جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. آمريڪي دفاعي کاتي جي سربراهه پيٽ هيگسيٿ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايراني چون ٿا ته آبناءِ هرمز تي سندن ڪنٽرول آهي، جڏهن ته ائين ناهي. جيڪڏهن ايران تجارتي جهازن تي حملا ڪيا ته کيس آمريڪي ”فائر پاور“ جو منهن ڏسڻو پوندو. آمريڪي جنگي وزير چيو ته آمريڪا ايران سان جنگ نٿو چاهي، نه ئي ايراني فضائن ۾ داخل ٿينداسين ۽ نه ئي ايراني پاڻي ۾ ”آپريشن پروجيڪٽ فريڊم“ رڳو آبناءِ هرمز کولرائڻ لاءِ آهي. هن مطالبو ڪيو ته جپان ۽ ڏکڻ ڪوريا آبناءِ هرمز کولرائڻ جي ڪوششن ۾ ساٿ ڏين. هيگسيٿ چيو ته آمريڪي فوج چاهي ٿي ته آبناءِ هرمز تان ايران جو غير قانوني قبضو ختم ڪرائي ۽ تجارتي جهازن کي ايراني جارحيت کان تحفظ فراهم ڪري، دنيا کي اڳتي وڌي آبناءِ هرمز جي ذميواري سنڀالڻي پوندي. هن اهو پڻ چيو ته ايران جو منصوبو عالمي ڀتي جي هڪ شڪل آهي جيڪو قبول ڪرڻ جوڳي نه آهي، ايران جيڪڏهن ڪمرشل شپنگ تي حملا ڪيا ته سخت جواب ڏنو ويندو.آمريڪي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف چيئرمين جنرل ڊين ڪين بچاءَ واري وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آمريڪي فوج ايران خلاف وڏي ڪارروائي لاءِ تيار آهي. هن دعويٰ ڪئي ته ايران جو ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر متاثر ٿي چڪو آهي، پر گڏوگڏ اهو به چيو ته ايران جون ڪارروائيون ان حد تائين ناهن پهتيون جو جنگ ٻيهر شروع ڪئي وڃي. جنرل ڊين ڪين جو چوڻ هو ته صدر ٽرمپ جي حڪم تي آچر ڏينهن ”پروجيڪٽ فريڊم“شروع ڪيو ويو، جنهن جو مقصد آبناءِ هرمز تان تجارتي اچ وڃ جي بحالي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.