ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موٽرسائيڪل سوارن لاءِ هڪ ئي وقت ٻه وڏيون خوشخبريون اچي ويون، سنڌ ڪابينا ان جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا عوامي رليف جو فيصلو ڪندي پيپلز موٽرسائيڪل فيول سبسڊي پروگرام ۾ واڌ ۽ سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏني.
هاڻي پيپلز موٽرسائيڪل فيول سبسڊي پروگرام جو مدو 31 مئي 2026ع تائين وڌايو ويو آهي، وڏي وزير جي هدايت تي فيول سبسڊي جي مد ۾ مئي مهيني لاءِ 2 ارب رپيا جاري ڪيا ويندا.
ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته فيول سبسڊي جي مد ۾ 5 لک 48 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي موٽرسائيڪل فيول سبسڊي جون ادائيگيون جاري آهن ۽ هينئر تائين 1.096 ارب رپيا ورهايا ويا آهن.
ان کانسواءِ سنڌ ڪابينا موٽرسائيڪل ڪيپ سروسز (آن لائن سواري) لاءِ سيلز ٽيڪس ۾ وڏي لاٿ جي منظوري پڻ ڏني.
وڏي وزير جي ترجمان موجب، ڪابينا سيلز ٽيڪس 5 سيڪڙو مان گهٽائي 2 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي، حڪومتي قدمن ذريعي آن لائن ڊرائيورز کي فائدو پهچندو.