پاڪستاني قوم ۽ فوج هر چئلينج جي مقابلي لاءِ ”بنيان مرصوص“ وانگر متحد آهي: فيلڊ مارشل

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته سمورن اندروني ۽ ٻارهين چئلينجز جي مقابلي لاءِ ”بنيان مرصوص“وانگر گڏ بيٺا آهيون.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدارت هيٺ 275هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي.
آءِ ايس پي آر موجب، فورم هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ وطن جي دفاع ۾ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهرين کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته شهيدن جون لازوال قربانيون هميشه پاڪستان جي قومي سلامتي، اتحاد ۽ استقامت جي بنياد رهنديون.
فورم چيو ته دهشتگرد نيٽ ورڪن جي مڪمل خاتمي ۽ سندن مددگار انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪيو ويندو، پاڪستان جي سرزمين کي ڪنهن به شرپسند ڪارروائي کان روڪڻ لاءِ موجودا آپريشنل رفتار برقرار رکي ويندي.
فورم ”آپريشن غضب للحق“ ذريعي دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جي ڍانچي جي مسلسل تباهي جو جائزو ورتو.
فورم جو چوڻ هو ته افغان طالبان حڪومت جي غير منطقي ۽ ورغلائيندڙ پاليسي تحت خارجين ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن کي پناهگاهون ڏنيون پيون وڃن.
افغان طالبان حڪومت طرفان دهشتگردي جي سپورٽ افغان عوام جي مفادن جي مڪمل خلاف آهي ۽ اها حڪومت هاڻي پنهنجي عوام سامهون مڪمل طور وائکي ٿي چڪي آهي.
فورم وڌيڪ چيو ته افغان طالبان حڪومت مسلسل پروپئگينڊا تحت پاڪستان تي افغانستان جي اندر شهرين کي نشانو بڻائڻ جو ڪوڙو الزام لڳائي رهي آهي، جيڪو هڪ منظم ڊس انفارميشن مهم جو حصو آهي، هن مهم جو مقصد پنهنجي اندروني ناڪامين تان ڌيان هٽائڻ ۽ پاڻ کي مظلوم پيش ڪرڻ آهي، پاڪستان واضح ڪري ٿو ته اسان جون دفاعي ڪارروائيون رڳو دهشتگردن ۽ سندن ٺڪاڻن خلاف آهن، اڀرندڙ جيو پوليٽيڪل صورتحال علائقائي استحڪام تي گهرا اثر وجهي سگهي ٿي.
ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ علائقائي ڇڪتاڻ کان بچڻ ۽ صبر کان ڪم وٺڻ تي زور ڏنو ويو.
فورم چيو ته پاڪستان ذميواري جو مظاهرو ڪندي خطي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ جو حامي آهي، جنهن جو دارومدار گڏيل احترام ۽ خودمختاري تي آهي.
فورم موجب، قومي سطح تي ”معرڪه حق“ جي ياد ملهائڻ ڀارتي تڪبر واري سياسي سوچ لاءِ هڪ واضح پيغام آهي ته پاڪستاني قوم متحد، مضبوط ۽ هر لحاظ سان تيار آهي.
فورم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن ۽ عدالتن کان مٿانهن قتلن جي سخت مذمت ڪندي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جو عزم ورجايو.
چيف آف ڊفينس فورسز ڪمانڊرن کي هدايت ڪئي ته هو آپريشنل تياري جي اعليٰ سطح کي برقرار رکن ۽ روايتي توڙي غير روايتي چئلينجز سان منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ قدم کڻن.
فيلڊ مارشل ”معرڪه حق“ جو يادگار سال مڪمل ٿيڻ تي قوم ۽ هٿياربند فوج کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي معرڪو قومي اتحاد ۽ پاڪستان جي خودمختاري جي تحفظ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته عوام، حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ اها هم آهنگي سمورن چئلينجز خلاف هڪ مضبوط ڀت ثابت ٿيندي، چيف آف ڊفينس فورسز هٿياربند فوج جي تيارين ۽ دهشتگردي مخالف ڪارروايون ۾ ڪمانڊرن جي عزم کي پڻ ساراهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.