ڀارتي خالصتاني سمجهن ٿا ۽ خالصتان جا حامي ڀارتي، سمجهه ۾ نٿو اچي ڪاڏي وڃان: دلجيت دوسانجهه

ممبئي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ڀارتي پنجابي گلوڪار ۽ اداڪار دلجيت دوسانجهه پنهنجي ڪئناڊا دوري دوران پيش ايندڙ سياسي تڪرارن، خالصتان بابت نعرن ۽ مسلسل تنقيد تي نيٺ خاموشي ٽوڙيندي چيو آهي ته هو جتي به وڃي ٿو، مختلف الزام سندس پيڇو ڪن ٿا، پر ان سموري صورتحال جي باوجود هو پاڻ کي صحيح ” دڳ تي بيٺل“سمجهي ٿو.
پنهنجي ”اوورا ورلڊ ٽور“ دوران اتر آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ شاندار پرفارمنس ڏيندڙ دلجيت دوسانجهه کي هڪ پاسي مداحن جي ڀرپور محبت ملي رهي آهي ته ٻئي پاسي کيس سياسي ۽ سماجي ڌرين طرفان تقنيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
ڪئناڊا ۾ هڪ وڏي ڪنسرٽ دوران هزارين مداحن کي خطاب ڪندي هن چيو ته مٿس هر پاسي کان الزام مڙهيا وڃن ٿا.
دلجيت پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو ته ”ڀارت ۾ کيس ڪجهه ماڻهو ”خالصتاني“ قرار ڏين ٿا، جڏهن ته پرڏيهه ۾ به مٿس مختلف نوعيت جا اعتراض سامهون اچن ٿا. “
هن اعتراف ڪيو ته ڪڏهن ڪڏهن کيس پاڻ به سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو ڪيڏانهن وڃي، پر هو پنهنجي سفر کي محبت، ثقافت ۽ فن جي ذريعي جاري رکڻ چاهي ٿو.
ڪنسرٽ دوران ماحول ان وقت وڌيڪ جوشيلو ٿي ويو جڏهن نوجوان مداحن ”پنجابي آ گئي اوءِ“ جا نعرا هنيا.
دلجيت مرڪندي ان جذبي کي ساراهيو ۽ چيو ته ”هي جوش جڏهن نئين نسل ۾ منتقل ٿي وڃي ته ان کي ڪا به طاقت ختم نٿي ڪري سگهي.“
اهو پهريون ڀيرو ناهي ته دلجيت دوسانجهه کي پنهنجي عالمي دوري دوران اهڙن سياسي مسئلن ۾ وچڙي ويو هجي، ان کان اڳ ڪيلگري ۾ به سندس ڪنسرٽ دوران خالصتان جي حامين مظاهرو ڪيو هو، جنهن ڪري کيس شو عارضي طور تي روڪڻو پيو هو.
ڪئناڊا جي ڪامياب شوز کانپوءِ دلجيت هاڻي آمريڪا جي مختلف شهرن جنهن ۾ نيويارڪ سميت لاس اينجلس، ٽورنٽو، ڊلاس، اٽلانٽا ۽ سان فرانسسڪو ۾ پنهنجي مداحن لاءِ پرفارم ڪندو.
فلمي محاذ تي به دلجيت دوسانجهه جو ڪيريئر ڀرپور انداز ۾ جاري آهي، هو هدايتڪار امتياز علي جي ايندڙ فلم ”واپس آوان گا“ ۾ نظر ايندو، جنهن ۾ نصير الدين شاهه سميت ٻيا ناليوارا فنڪار شامل آهن، جڏهن ته موسيقي اي آر رحمان ترتيب ڏني آهي، فلم 12 جون 2026ع تي رليز ڪئي ويندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.