دبئي(ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) سالياني ٽي ٽوئنٽي ٽيم رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي.
ٽي ٽوئنٽي ٽيمن جي سالياني رينڪنگ ۾ شروعاتي 7 ٽيمن جي پوزيشن برقرار آهي، ورلڊ چيمپيئن ڀارت جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته ان جي سالياني رينڪنگ پوائنٽس ۾ هڪ پوائنٽ جي گهٽتائي ٿي آهي.
انگلينڊ ٻئي، آسٽريليا ٽئين ۽ نيوزيلينڊ چوٿين نمبر تي موجود آهن، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جي پنجين، پاڪستان جي ڇهين ۽ ويسٽ انڊيز جي سيتين پوزيشن برقرار آهي.
سريلنڪا جي ٽيم 6 پوائنٽس وڃائڻ کانپوءِ اٺين کان نائين نمبر تي هلي وئي آهي، جڏهن ته بنگلاديش جي ٽيم هڪ پوائنٽ جي بهتريءَ سان اٺين نمبر تي اچي وئي آهي.
افغانستان جو ڏهون، زمبابوي ۽ آئرلينڊ 11هين ۽ 12هين نمبر تي موجود آهن.
آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي سالياني ٽيم رينڪنگ جي پهرين 10 پوزيشن ۾ ڪا به تبديلي ناهي ٿي.
آسٽريليا جو آءِ سي سي وومينز ٽيم رينڪنگ ۾ پهريون نمبر برقرار آهي. انگلينڊ ٻئي، ڀارت ٽئين، نيوزيلينڊ چوٿين ۽ ڏکڻ آفريڪا پنجين نمبر تي آهي، جڏهن ويسٽ انڊيز جو ڇهون، سريلنڪا جو ستون ۽ پاڪستان جو اٺون نمبر آهي.