ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چرس ملڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ساجد جي ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي .ڪيس ۾ اغوا کانپوءِ مبينا پوليس مقابلي ۾ جوابدار جي ڀاءُ سخي الرحمان جي موت جو انڪشاف ٿيو آهي .عدالت جوابدار جي مبينا پوليس مقابلي ۾ موت جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي .عدالت ايف آءِ اي کي جاچ مڪمل ڪرڻ ۽ 15 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنوآهي .درخواستگذار جي ڀاءُ سخي الرحمان کي نارٿ ناظم آباد ۾ سندس گهر مان ايس آءِ يو کڻي وئي هئي. درخواستگذار چيو ته ايس آءِ يو جا اهلڪار گهر مان هڪ ايس يو وي ۽ 2.7 ملين رپيا پاڻ سان گڏ کڻي ويا.درخواستگذار چيو ته سخي الرحمان جي آزادي لاءِ ايس ايڇ او ايس آءِ يو ڀاءُ ساجد کان 3 ملين رپين جي ڀُنگ جو مطالبو ڪيو.جڏهن جوابدارساجد پئسا ڏيڻ لاءِ ايئرپورٽ پهتو ته کيس به حراست ۾ ورتو ويو، ايس آءِ يو جي عملدارن جوابدار ساجد جي بينڪ اڪائونٽس مان 1.29 ملين رپيا منتقل ڪيا.پوليس جا اهلڪار ٽي گاڏيون به پاڻ سان گڏ کڻي ويا جوابدار جو شوروم آهي .درخواستگذار جي ڀاءُ سخي الرحمان کي پئسا ڏيڻ باوجود جعلي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو.جوابدار ساجد خلاف منشيات جي اسمگلنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.