ايران تڪرار هڪ نئين سرد جنگ جهڙي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ مالي پابنديون، فوجي مداخلتون ۽ ڳالهيون شامل آهن.آمريڪي نيوز ويب سائيٽ ايڪسيوس جي مطابق، هي سخت تڪرار جلد ختم ٿيڻ وارو نظر نٿو اچي، جنهن جي ڪري توانائي جي قيمتن ۾ ڪيترن ئي مهينن تائين واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪنهن به وقت کليل جنگ شروع ٿي سگهي ٿي.ڪيترن ئي آمريڪي عملدارن ٻڌايو آهي ته انهن کي ڊپ آهي ته آمريڪا هڪ اهڙي تڪرار ۾ ڦاسي سگهي ٿو جنهن ۾ جنگ يا ڊيل شامل نه هجي. هن صورتحال ۾، آمريڪا کي پنهنجي فوجي قوتن کي علائقي ۾ ڪيترن ئي مهينن تائين رکڻو پوندو، هرمز بند رهندو، آمريڪي ناڪا بندي برقرار رهندي ۽ ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي پهرين حرڪت يا حملي جو انتظار ڪنديون رهنديون.نومبر ۾ ٿيندڙ آمريڪي وچ مدي واريون چونڊون هاڻي 6 مهينا پري آهن، ۽ صدر ٽرمپ جي ويجهو هڪ ذريعن چيو آهي ته ‘هڪ تعطل وارو تڪرار ٽرمپ لاءِ سياسي ۽ اقتصادي طور تي بدترين صورتحال آهي. ٽرمپ تازو ئي هڪ صلاحڪار کي ٻڌايو ته ايران جا اڳواڻ صرف بمن جي ٻولي سمجهن ٿا. صلاحڪار چيو ته "مان انهن کي مايوس پر حقيقت پسند طور بيان ڪندس. اهي طاقت استعمال نٿا ڪرڻ چاهين، پر اهي پوئتي نه هٽي رهيا آهن.ٽرمپ سومر تي پنهنجي قومي سلامتي ٽيم سان ايراني آڇ تي بحث ڪيو، جنهن بابت هن چيو ته هرمز کولڻ جي بدلي ۾ ايران ڏانهن ۽ اتان کان جهازن جي آمريڪي بندش کي ختم ڪيو ويندو.ٽرمپ چيو آهي ته هو ان وقت تائين بندش نه هٽائيندو جيستائين ايران هڪ اهڙو معاهدو نه ڪري جيڪو ان جي ايٽمي پروگرام بابت خدشن کي حل ڪري.ٽرمپ انتظاميا جي عملدارن ۽ اتحادين جو خيال آهي ته پابنديون ايران لاءِ تيل ذخيرو ڪرڻ ناممڪن بڻائي سگهن ٿيون، ان کي پنهنجا کوهه بند ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهن ٿيون ۽ معيشت کي سخت نقصان پهچائي سگهن ٿيون، پر نقادن جو چوڻ آهي ته حڪمت عملي ايران کي ڪا به رعايت ڏيڻ تي مجبور نه ڪندي.