ايران پاران آبناءِ هرمز مان ٽول ٽيڪس جي پهرين رقم وصول

تہران (عالمي نيوز ڊيسڪ) ايران آبناءِ هرمز مان گذرندڙ جهازن کان ٽول ٽيڪس جي مد ۾ حاصل ٿيندڙ پهرين آمدني وصول ڪري ورتي آهي، جنهن جي تصديق ايران جي مرڪزي بينڪ طرفان ڪئي وئي آهي.ايراني پارليامينٽ جي ڊپٽي اسپيڪر ان حوالي سان ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته ٽول ٽيڪس جي صورت ۾ حاصل ٿيل پهرين رقم مرڪزي بينڪ جي سرڪاري اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.ان موقعي تي ايراني خابرو اداري انهن خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي جن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وئي ته ٽول ٽيڪس جي ادائيگي ”ڪرپٽو ڪرنسي“ ذريعي ڪئي وئي آهي. ايراني اختيارين واضح ڪيو آهي ته ٽول ٽيڪس جي ادائيگي نقد رقم جي صورت ۾ وصول ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.