ڪراچي جي عدالت اي ايس پي ندا جنيد خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي عدالت اي ايس پي ندا جنيد خلاف ڪارروائي جو فيصلو غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.
جوڊيشل ميجسٽريٽ 11 ڏکڻ ڪراچي جي عدالت پاران ڪيس ۾ غير حاضر رهڻ تي اي ايس پي ڊفينس ندا جنيد کان وضاحت طلب ڪندي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو، جنهن تي هن بيمار رهڻ جو سبب ڄاڻائي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايا.
جوڊيشل ميجسٽريٽ 11 ڏکڻ ڪراچي جي عدالت، اي ايس پي ندا جنيد پاران جمع ڪرايل ميڊيڪل سرٽيفڪيٽن کي جعلي قرار ڏئي هن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو.
اي ايس پي ندا جنيد پنهنجي وڪيل خالد حسين کوسو وسيلي عدالتي فيصلي کي چيلينج ڪندي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنز جج روشن علي ٻگهيو ڪراچي جي عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي، جنهن وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ندا جنيد خلاف ڪارروائي جو فيصلو غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.