اسلام آباد (بيورو) سڄي ملڪ ۾ ڊگهي بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، شهري سخت گرمي ۾ شديد تڪليف کي منهن ڏيڻ لڳا، بجلي جو شارٽ فال 6 هزار 500 ميگاواٽ تائين پهچي ويو، ملڪ ۾ بجلي جي مجموعي پيداوار 15 هزار 400 ميگاواٽ آهي، جڏهن ته گهرج 22 هزار ميگاواٽ تائين رڪارڊ ٿي رهي آهي، پن بجلي ذريعي 1500 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، ٿرمل ذريعن مان 9 هزار 250 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿي رهي آهي، سولر پاور پلانٽس 400 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن، بيگاس ذريعي 200 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، ونڊ پاور پلانٽس مان 1200 ميگاواٽ بجلي ملي رهي آهي، نيوڪليئر پاور پلانٽس 2 هزار 850 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن، ان باوجود بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، ٻئي پاسي پاور ڊويزن موجب بجلي جي بحران جي بنيادي سببن ۾ پن بجلي جي پيداوار ۾ گهٽتائي شامل آهي، ترجمان چيو ته پن بجلي ۾ لڳ ڀڳ 1991 ميگاواٽ گهٽتائي ٿي، پيڪ ٽائيم دوران 4500 ميگاواٽ جو شارٽ فال سامهون آيو، پاڻي جي گهٽ خارج ٿيڻ سبب ڊيمن مان بجلي جي پيداوار متاثر ٿي، ارسا موجب پاڻي جي فراهمي گهرج موجب جاري آهي پر استعمال گهٽ ٿيڻ سبب پيداوار متاثر ٿي، حڪومت عوام کي خاص طور رات جي وقت بجلي بچائڻ جي اپيل ڪئي آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ صورتحال بهتر ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لاهور ۾ 1000 ميگاواٽ شارٽ فال، لوڊشيڊنگ 6 کان 8 ڪلاڪ تائين پهچي وئي، بلوڪي پاور پلانٽ جي بندش سان 1223 ميگاواٽ بجلي سسٽم مان گهٽ ٿي وئي، ڪوئيٽا ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ ۽ بلوچستان اندر 15 کان 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جاري رهي، ڪراچي ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ بجلي بندش معمول بڻجي وئي، پشاور ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ ۽ ڪجهه علائقن ۾ 20 ڪلاڪن تائين بجلي غائب رهڻ لڳي، ڊگهي بجلي لوڊشيڊنگ ۽ سخت گرمي سٽيل شهرين رڙيون ڪندي چيو ته ملڪ ۾ اڳ ئي گرمي وڌي وئي آهي، مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي، ڊگهي بجلي لوڊشيڊنگ سبب عذاب ۾ وٺجي ويا آهن، بجلي لوڊشيڊنگ گهٽائي وڃي.